نواز ۽ بلاول قابل احترام، نواز ليگ کي ڪابه فَيوَر نه پيا ڏيون: سرفراز بگٽي

0
130
نواز ۽ بلاول قابل احترام، نواز ليگ کي ڪابه فَيوَر نه پيا ڏيون: سرفراز بگٽي
نواز ۽ بلاول قابل احترام، نواز ليگ کي ڪابه فَيوَر نه پيا ڏيون: سرفراز بگٽي

نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته نواز شريف ۽ بلاول ڀٽو ٻئي احترام لائق آهن، نگران حڪومت نواز ليگ کي ڪابه فَيوَر نٿي ڏئي

سرفراز بگٽي برطانوي خابرو اداري سان ڳالهائڻ دوران پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي عدالتن جو لاڏلو پڻ قرار ڏنو

سرفراز بگٽي چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ مليل سهولتن جو ماڻهو تصور به نٿا ڪري سگهن، سائفر ڪيس ۾ 28 نومبر تي پي ٽي آءِ چيئرمين جي پيشي بابت عدالتي حڪم تي عمل ڪنداسين

هن چيو ته منهنجي خيال ۾ نواز شريف خلاف داخل ڪيسز مان اڪثر بي بنياد هئا

 گُم ٿيل شهرين جي معاملي تي سرفراز بگٽي چيو ته عدالت پاران نگران وزيراعظم کي گهرائڻ مناسب عمل ناهي، لاپتا ماڻهن جي فهرست مان 78 ڪيسز حل ٿي ويا، اختر مينگل جي لسٽ صحيح ناهي