نواب ولي محمد واقعو: 6 ڄڻن جي قتل خلاف ڌرڻو جاري، قومي شاهراهه بلاڪ

0
295
نواب ولي محمد

قاضي احمد/ نواب ولي محمد/ دوڙ (نمائندن وٽان) نواب ولي محمد جي ڪچي جي ديهه ٻنڀائي ۾ 800 ايڪڙ زمين جي مالڪيءَ تان تڪرار ۾ 6 ڄڻن جي قتل خلاف لاش قومي شاهراه تي رکي ڌرڻو ٻئي ڏينهن به جاري آهي

پوليس مقتولن جي وارثن جِي فرياد تحت ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، مقتولن جي وارثن، آبادگارن ۽ قومپرست اڳواڻن طرفان به ڌرڻو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، قومي شاهراهه تي گذريل رات کان جاري ڌرڻي سبب ٽرئفڪ معطل آهي، ڌرڻي ۾ قومپرست اڳواڻ ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا به شامل آهن

مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن فرياد تحت ڪيس داخل ڪري جوابدار  محسن زرداري، عابد زرداري ۽ ٻين کي گرفتار ڪري گم ڪيل غلام حيدر ڀنڊ، محمود مهر، بلاول ڀنڊ ۽ ٻين کي آزاد ڪري ڌرڻي واري هنڌ آندو وڃي ۽ زمينن تي ويٺل سوين  هٿياربند اٿاري زمينون  مقامي ڳوٺاڻن  حوالي ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ نه ڌرڻو ختم ٿيندو ۽ نه ئي مقتولن جا لاش دفنايا ويندا

ڌرڻي ۾ شامل ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه نواب ولي محمد ۾ رتوڇاڻ ۽ پوليس جي رويي خلاف احتجاج جو دائرو سموري سنڌ ۾ وڌائڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو

سيد زين شاهه چيو آهي ته هن معاملي ۾ پوليس ۽ سنڌ سرڪار ڌُر آهن، سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ لاءِ ٻين پارٽيز سان رابطن ۾ آهيون، صلاح مشورن بعد حتمي اعلان ڪنداسين، غريبن تي ظلم ڪندڙ طاقتور کي شڪست ڏني ويندي

جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته افسوس جو مقتولن جي وارثن کي مرضي تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو به حق نٿو ڏنو وڃي، انڌن ۽ ٻوڙن مان ڪابه اُميد نٿي رکي سگهجي، تنهن ڪري ڪيس عوام جي عدالت ۾ آندو اٿئون

هوڏانهن دوڙ ۾ به نواب ولي محمد واقعي ۾ قتل ٿيل ڀنڊ برادري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ  ريلوي اسٽيشن کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو

ايس ٽي پي تعلقي صدر ظفر بروهي، جسقم سٽي صدر امان اﷲ سنڌي، منتظر حسين وڳڻ، سول سوسائٽي جي فقير سعيد احمد خاصخيلي، مانجهائي جماعت جي فقير غلام نبي مانجهائي، سنڌ عوامي سٿ جي محبوب رند ايس يو پي اڳواڻ ڊاڪٽر مجاهد رستماڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته حڪمران ڌر سان لاڳاپيل هٿياربندن محسن زرداري ۽ عابد زرداري پنهنجي ماڻھن سان گڏجي سرعام 6 ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي

هنن مطالبو ڪيو ته آبادگار مقتولن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن محسن زرداري ۽ عابد زرداري سميت سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ گم ڪيل غلام حيدر ڀنڊ بلاول ڀنڊ محمود مهر کي آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

واضح رهي ته گذريل ڏينهن فائرنگ ۾ اياز ڀنڊ، شير محمد عرف ٽوھ ڀنڊ، صابن ڀنڊ، اڪمل ڀنڊ ۽ معشوق ڀنڊ مارجي ويا هئا

ھي به پڙھندا

نواب ولي محمد: 800 ايڪڙ زمين تي مبينا قبضي جو تڪرار، ايس ايڇ او سوڌو 5 ڄڻا مارجي ويا