نه ڪجهه کاڌو نه پيتو: عورت 16 سالن کان بک ۽ اڃ تي رهڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

0
138
نه ڪجهه کاڌو نه پيتو: عورت 16 سالن کان بک ۽ اڃ تي رهڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي
نه ڪجهه کاڌو نه پيتو: عورت 16 سالن کان بک ۽ اڃ تي رهڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز)ايٿوپين عورت جي انوکي دعويٰ ڊاڪٽرن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، سندس چوڻ هو ته 16 سالن کان هن  نه ڪجهه کاڌو آهي نه پيتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ايٿوپيا جي ملو ورڪ ايمبو نالي عورت کي طبيعت خراب ٿيڻ بعد اسپتال داخل ڪيو ويو

ملو ورڪ ايمبو ڊاڪٽرن کي ٻڌايو ته 16 سالن کان هن نه ڪجهه کاڌو آهي نه ئي پيتو آهي، سندس ان دعويٰ بعد ڊاڪٽرن مختلف ٽيسٽون ڪرايون انهن  ٽيسٽن ۾ به نه کائڻ پيئڻ جي تصديق ٿي جنهن تي  ڊاڪٽرن جا مٿي تي هٿ اچي ويا

ملو ورڪ ايمبو ميڊيا کي ٻڌايو ته آخري ڀيرو 10 سال جي عمر ۾ هن دال کاڌي هئي جڏهن ته گذريل 16 سالن کان نه بک لڳي ٿي ۽ نه ئي اڃ  لڳي آهي. هن ٻڌايو ته 16 سالن کان واش وڃڻ جي به ضرورت ناهي ٿي، ڀارت، قطر ۽ دبئي جي ڊاڪٽرن سان به رابطو ڪيو پر اهي  به علاج نه ڪري سگهيا آهن

سندس چوڻ هو ته جڏهن مونکي حمل ٿيو ته ٻار کي صحتمند رکڻ لاءِ گلوڪوز ڏنو ويندو هو، ٻار کي جنم ڏيڻ بعد کيس کير پيارڻ جهڙي به نه هيس انڪري هٿرادو کير پياريو. ملو ورڪ چيو ته کيس لڳي ته شايد هو هاڻ ڪڏهن به کائي پي نه سگهي.