ننگرپارڪر (ن پ ا) اسسٽنٽ ڪمشنر ننگرپارڪر پاران رسيدون ڏيڻ کانسواءِ ڏنڊ اوڳاڙي خلاف واپارين هڙتال ڪري، ڌرڻو هڻي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرايو. دڪاندارن جي احتجاج سبب اسسٽنٽ ڪمشنر گوڏا کوڙي ڇڏيا، ورتل رقم واپس ڏئي معافي ورتي. خبر موجب اسسٽنٽ ڪمشنر ننگرپارڪر علي حيدر شيخ گذريل ڏينهن ننگرپارڪر شهر ۾ ميڊيڪل اسٽورن، روڊ تي بيٺل رڪشن ۽ دڪاندارن تي ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ۽ ريٽ لسٽن تي عمل نه ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي في دڪاندار کان 2000 رپيا ڏنڊ وصول ڪيو پر رسيدون نه ڏنيون. اهڙي عمل خلاف دڪاندار سراپا احتجاج بڻجي ويا ۽ شٽربند هڙتال ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب ننگرپارڪر اڳيان ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي. ڪجهه دير بعد اسسٽنٽ ڪمشنر ڳالهيون ڪرڻ لا پهتو ته مڇريل دڪاندارن ڳالهين کان انڪار ڪندي کيس واپس وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. بعد ۾ دڪاندار نعريبازي ڪندا مختيارڪار آفيس اڳيان ڪلاڪ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، جنهن سبب نئون ڪوٽ مٺي روڊ بلاڪ ٿي ويو. بعد ۾ اڳوڻو ٽائون چيئرمين سردار خان کوسو، اسسٽنٽ ڪمشنر علي حيدر شيخ ۽ مختيارڪار عبدالحق درس ڌرڻي واري هنڌ پهتا. ڳالهين بعد اسسٽنٽ ڪمشنر واپارين کان معافي ورتي ۽ ڏنڊ جي رقم واپس ڪئي.