ننڍن آبادگارن جي معاشي قتل وارو فيصلو

0
446

پيپلز پارٽي جي قيادت سدائين دعويٰ ڪندي رهي آهي ته انهن جي حڪومتن ۾ زرعي شعبي ۽ خاص ڪري ننڍن آبادگارن کي وڌ کان وڌ فائدو ڏيڻ لاءِ پاليسيون جوڙيون وينديون آهن ۽ فيصلا ڪيا ويندا آهن،جيڪا ڳالهه ڪنهن حد تائين درست به آهي جنهن جو تازو مثال ڪڻڪ جو امدادي اگهه 2 هزار رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ هو جنهن سان اها اميد پيدا ٿي هئي ته زرعي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ خاص ڪري ننڍن آبادگارن کي فائدو ٿيندو ۽ اها ڪڻڪ جي امدادي اگهه سبب پنهنجي خرچن ۽ قرصن جو بار لاهي سگهندا انهي کانسواءِ ٽريڪر تي سبسڊي اسڪيم ۽ ٻيا اهڙا فيصلا هئا جن سان ڀل ننڍن آبادگارن کي فائدو نه ٿي پهتو پر بهرحال زرعي شعبي کي فائدو پهچي رهيو هو پر ٻه ڏينهن اڳ جيڪو سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي جتي پ پ جي ئي حڪومت آهي تنهن آبادگارن جي انهن اميدن تي پاڻي هاري ڇڏيو آهي.
سنڌ حڪومت ڪڻڪ جي خريداري ۾ ستين فارم جو شرط ختم ڪري ڄڻ ته ننڍن آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو آهي،اڳ ۾ سرڪاري ڪڻڪ جي خريداري ۾ ننڍن آبادگارن کي اوليت ڏني ويندي هئي جنهن مطابق 16 ايڪڙ ۽ ان کان گهٽ زمين رکندڙ آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ کانپوءِ به جيڪڏهن ٽارگيٽ پورو نه ٿيندو هو ته وڏن زميندارن يا کليل مارڪيٽ مان ڪڻڪ خريد ڪئي ويندي هئي، جنهن لاءِ ستون فارم رکندڙ آبادگار اهو ڏيکاري بارداڻو حاصل ڪري سگهندا هئا اهو وري الڳ مسئلو آهي ته انهي بارداڻي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن آبادگارن کي ڪهڙين ڪهڙين ڏکياين مان گذرڻو پوندو هو پر ستين فارم جو شرط هجڻ ڪري خوراڪ کاتي جا عملدار به مجبور هوندا هئا ته اهي گهرجون پوريون ڪن جنهن ڪري کين ننڍن آبادگارن سان لهه وچڙ ۾ اچڻو پوندو هو ،پر ٻه ڏينهن اڳ اهوستين فارم وارو شرط ختم ڪري سنڌ ڪابينا اهو فيصلو ڪيو آهي ته ڪنهن به وڏي زميندار ۽ واپاري کان ڪڻڪ خريد ڪري سگهجي ٿي ،اهڙي فيصلي کانپوءِ هر ڪو سمجهي سگهي ٿو ته ننڍا آبادگار ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني انهن وڏن واپارين ۽ زميندارن سان مقابلو ڪري سگهندا جيڪي اڳ ۾ ئي ستين فارم جو شرط هجڻ باوجود بارداڻو ڏکيائي سان حاصل ڪري سگهندا هئا ،انهي کانسواءِ اڳ جڏهن ڪمند جو امدادي اگهه به مقرر ٿيو هو ته انهي ۾ به شگرملز ۽ مڊل مين کي سبسڊي جو فائدو ڏنو ويو هو ۽ آبادگار کي ان جو ڪو فائدو نه ٿيو هو هاڻي به جڏهن ستين فارم وارو شرط سنڌ حڪومت ختم ڪري ڇڏيو آهي ته خوراڪ کاتو جيڪو اڳ ئي واپارين ۽ وڏن زميندارن جي اثر ۾ هوندو هو اهو ته هاڻي ته مڪمل آزاد ٿي ويندو جنهن ڪري ڪنهن به ننڍي آبادگار کي ڪو پڇڻ وارو نه هوندو جنهن ڪري سڄو سيزن محنت ڪري ڪڻڪ اپائيندڙ ننڍو آبادگار کليل مارڪيٽ ۾ پنهنجي ڪڻڪ سستي اگهه تي وڪڻڻ تي مجبور هوندو ۽ اها ساڳي ڪڻڪ واپاري مارڪيٽ مان سستي خريد ڪري سرڪار کي وڪڻي ٻيڻو منافعو ڪمائيندا جڏهن ته محنت ڪندڙ آبادگارپنهنجو خرچ به مشڪل سان ڪڍي سگهندو.
اسان سمجهون ٿا ته زراعت هن ملڪ ۽ صوبي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿي ۽ انهي زراعت کي اپائڻ ۾ انهن ننڍن ننڍن آبادگارن جو وڏو ڪردار آهي پر جيڪڏهن اهڙا فيصلا ڪري انهن آبادگارن کي نقصان ڏنو ويندو ته اهو اصل ۾ انهي زراعت جو ئي نقصان هوندو تنهن ڪري سنڌ حڪومت کي انهي فيصلي تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي ۽ خاص ڪري پارٽي قيادت کي انهي معاملي ۾ مداخلت ڪرڻ گهرجي جيڪا زراعت ،ننڍن آبادگارن ۽ هارين کي هر دور ۾ پنهنجي پاليسين ۽ فيصلن ۾ اهميت ڏيڻ جي دعويدار آهي.