شهباز شريف جي ضمانت،مفاهمت جي سياست ۽ جهانگير ترين

0
454

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي ضمانت منظور ٿي وئي آهي، ن ليگ جو صدر شهباز شريف اهڙي وقت ۾ جيل کان آزاد ٿي سياسي ميدان ۾ اچي رهيو آهي جڏهن حڪومت خلاف مخالف ڌر جي پارٽين جو اتحاد پي ڊي ايم ڏڦيڙ جو شڪار ٿي عملي طور تي ختم ۽ غير موثر ٿي ويو آهي، جيتوڻيڪ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان پيپلزپارٽي ۽ اي اين پي کي پي ڊي ايم سان رجوع ڪرڻ جو موقعو ڏئي سندن موقف ٻڌڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي پر اهو سڀني کي معلوم آهي ته انهن ٻنهي پارٽين جي پي ڊي ايم ۾ واپسي ناممڪن ڀلي نه هجي پر اها مشڪل ضرور آهي.
پي ڊي ايم کي ٻيهر ساڳي پوزيشن يعني 10 پارٽين جو اتحاد بنائڻ لاءِ ڪنهن کي بحرحال پُل جو ڪردار ادا ڪرڻو آهي ۽ ايئن ٿيڻ کي ممڪن بنائڻ لاءِ ڪو رستو به ڪڍڻو آهي، ادارن سان ٽڪراءُ بجاءِ مفاهمت جي سياست کي اهميت ڏيندڙ ن ليگ جي صدر شهباز شريف جي جيل مان آزادي ڇا مسلم ليگ نواز جي اسٽيبلشمينٽ خلاف جارحاڻي پاليسي کي ٿڌو ڪري مفاهمت طرف آڻي سگهندي؟ مريم نواز ڇا هڪ ڀيرو وري پسمنظر ۾ هلي ويندي؟ ڇا شهباز شريف پنهنجي مفاهمت واري پاليسي تي پنهنجي وڏي ڀاءُ ميان نواز شريف کي آڻي سگهندو؟ وارا سوال گردش ته ڪري رهيا آهن پر شهباز شريف جي آزادي سان مخالف ڌر جي سياست ۾ ڪهڙي تبديلي رونما ٿي سگهي ٿي تي به بحث شروع ٿي ويو آهي. عجيب اتفاق آهي ته پيپلزپارٽي جيڪا اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءَ بجاءِ مفاهمت جي سياست ڪندي نظر اچي رهي آهي، تڏهن مسلم ليگ (ن) ۾ به مفاهمت جي سياست لاءِ مشهور شهباز شريف جي آزادي ٿي آهي، ظاهر آهي ته شهباز شريف جي موجودگي ۾ پارٽي جي صدر طور ن ليگ جي سياست ۾ شهباز شريف ئي نمايان رهڻو آهي ان سان ڇا پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي مفاهمت واري سوچ رکندڙ قيادت هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ اچي ٿي يا ٻنهي پارٽين جي مفاهمت پسند قيادت کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي بيهاري ٿي پر هڪ ڳالهه طئي آهي ته ٻنهي پارٽين جا سياسي مفاد هڪ ٻئي جي متضاد آهن، پر اها حقيقت آهي ته موجوده صورتحال ۾ ٻنهي پارٽين جي هڪ پليٽ فارم تي گڏجي هلڻ به ٻنهي پارٽين جي مفادن ۾ آهي پر مسئلو سياسي پاليسي ۽ اوليتن جو آهي. پيپلزپارٽي چاهي ٿي ته پنجاب جي وڏي وزير خلاف عدم اعتماد جي رٿ پنجاب اسيمبلي ۾ پيش ڪئي وڃي، جهانگير ترين جي دعوت ۾ درجنن جي حساب سان پي ٽي آءِ جي ميمبرن جي شرڪت سان اهو ته واضح ٿي ويو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير کي عدم اعتماد ذريعي هٽائڻ ناممڪن نه رهيو آهي، پر ان لاءِ جهانگير ترين جي حمايت حاصل ڪري پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي هٽائي سگهجي ٿو. سوال هي آهي ته جهانگير ترين اهڙي ساٿ عيوض ڇا گهري سگهي ٿو، اهو اهڙو سوال آهي جنهن تي غور ڪجي ته جهانگير ترين سان مسلم ليگ نواز توڙي پيپلزپارٽي جي به بارگيننگ ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن جهانگير ترين مسلم ليگ نواز سان بارگيننگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته جهانگير ترين کي مسلم ليگ نواز ايندڙ عام چونڊن ۾ به سندس پٽ يا اهل ٿيڻ جي صورت ۾ کيس وڏ وزارت ڏيڻ جي حامي ڀري نٿي سگهي ڇو ته پنجاب جي وڏي وزير جي عهدي لاءِ شهباز شريف پاڻ، حمزه شهباز ۽ ٻيا عهديدار آهن اهو عهدو ن ليگ جهانگير ترين کي ڏيڻ لاءِ حامي ان ڪري به نه ڀريندي جو پنجاب ۾ مسلم ليگ نواز مقبول ترين پارٽي آهي، پر پنجاب ۾ پيپلزپارٽي کي جهانگير ترين جهڙي ماڻهو جي ضرورت آهي، جنهن وٽ اليڪٽبل به آهن ۽ پيپلزپارٽي پنجاب ۾ ق ليگ جيتريون سيٽون کٽڻ واري پارٽي به نه رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي جهانگير ترين جون ن ليگ جي ڀيٽ ۾ سخت شرطون مڃي وٺندي، پر وري به سوال هي آهي ته ڇا مسلم ليگ (ن) جو قائد نواز شريف،مريم نواز ان هائوس تبديلي واري آپشن تي راضي ٿي سگهندا؟ اهو اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب ڪو به پير کوڙي نه ٿو چئي سگهي ته هيئن ٿي سگهي ٿو. ڏسجي ته پنجاب يا مرڪز ۾ ان هائوس تبديلي اچڻ ممڪن آهي يوسف رضا گيلاني جي اسلام آباد مان سينيٽر چونڊجي وڃڻ بعد اهو ظاهر ٿي ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان خلاف عدم اعتماد جي رٿ ڪامياب ٿي سگهي ٿي ايئن جهانگير ترين جي مدد سان پنجاب جي وڏي وزير کي به هٽائي سگهجي ٿو پر ڇا مسلم ليگ نواز ٻن سالن جي اقتدار لاءِ ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي متوقع پنجاب ۾ ڪاميابي کي داءَ تي لڳائي ڇڏيندي؟
ڇو ته اهو به ظاهر آهي ته جيڪڏهن ن ليگ کي مرڪز توڙي پنجاب ۾ حڪومت ايئن ملي به وڃي ته ٻن سالن ۾ ن ليگ ڪا به تبديلي نه آڻي سگهندي، جنهن جو اثر ايندڙ عام چونڊن تي پئجي سگهي ٿو ۽ عدم اعتماد ذريعي پي ٽي آءِ جي مرڪز توڙي پنجاب ۾ حڪومت هٽائڻ جو به سڀ کان وڌيڪ نقصان ن ليگ کي ٿيندو ڇو ته عدم اعتماد ذريعي وفاق توڙي پنجاب حڪومت کي هٽائڻ وارو عمل ڄڻ ته موجوده نااهلي جي حڪومتي دور مان پي ٽي آءِ کي ريسڪيو ڪرڻ هوندو. ظاهر آهي ان کي عوام آڏو اهو عذر پيش ڪرڻ لاءِ ملي ويندو ته انهن کي مشڪل وقت مان نڪري عوامي ڀلائي طرف اچڻ وقت اقتدار مان هٽايو ويو، ظاهر آهي ته پنجاب صوبي ۾ ايندڙ چونڊن ۾ بظاهر ته ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ ۾ مقابلو ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، جنهن ڪري آخري ٻن سالن جي حڪومت وٺي ن ليگ جيڪڏهن ڪجهه نه ڪر ي سگهي ته هن وقت جيڪا ن ليگ جي پنجاب جي عوام ۾ مقبوليت آهي اها باقي نه رهندي. ان ڪري بظاهر ته پي ٽي آءِ حڪومت جي مدت پوري ٿيڻ بعد چونڊن ٿيڻ ۾ به ن ليگ جو سياسي فائدو آهي پر ن ليگ جي قيادت جيئن ڪيسن ۾ جڪڙيل آهي طاقتور ڌرين سان ٽڪراءَ جي پاليسي چونڊن تي به اثر انداز ٿيڻ جو امڪان آهي، اهو ئي سبب آهي ته سياست ۾ جذبات بجاءِ حقيقت پسند ٿي سوچيندڙ ڪڏهن ڪڏهن اهو به چوندي ٻڌا وڃن ٿا ته سياست ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. اها ڳالهه درست ان ڪري به لڳي رهي آهي جو بظاهر ته پي ڊي ايم جي غير موثر ٿيڻ بعد حڪومت کي ڪو خطرو محسوس نه ٿي رهيو هو، پر جيئن مهانگائي جو جن بي قابو ٿيو آهي عام ماڻهن جي برداشت جواب ڏئي رهي آهي اها صورتحال ۽ تازو پي ٽي آءِ سرڪار پاران تحريڪ لبيڪ سان ڪيل معاهدي تحت فرانس جي سفير کي ملڪ بدر نه ڪرڻ سبب ملڪ اندر شروع ٿيل پرتشدد احتجاجن حڪومت لاءِ مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ وفاقي حڪومت تحريڪ لبيڪ تي پابندي لڳائڻ جو به فيصلو ڪيو آهي، اها صورتحال حڪومت لاءِ ڪيتري پريشان ڪن ٿيندي ان جو ته ايندڙ وقت ۾ ئي معلوم ٿي سگهندو، پر سوال هي آهي ته حڪومت جڏهن تحريڪ لبيڪ سان معاهدو ڪيو هو تڏهن کيس سوچڻ گهرجي ها ته ان جا اثر ڇا ٿي سگهن ٿا، بنا سوچڻ جي معاهدو ڪرڻ سان حڪومت ٻه واٽي تي اچي وئي آهي، جيڪڏهن فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ مامرو حڪومت پارليامينٽ ۾ آڻي ٿي ۽ پارليامينٽ ۾ ڪو مخالفت ڪري ته ان جا سمورين سياسي پارٽين تي اثر پئجي سگهن ٿا. وفاقي حڪومت فرانس جهڙي ملڪ جي سفير کي ملڪ بدر ڪيو ته ان جا دنيا جي ملڪن سان تعلقاتن ۾ اثر پوندا، ڳالهه پارليامينٽ هائوس اچڻ جي ٿي رهي آهي ته اوهان کي ٻڌايان ته سنڌ حڪومت آئين تحت 2017ع جي آدمشماري جي نتيجي کي لاڳو ڪرڻ واري ٿيل فيصلي کي گڏيل پارليامينٽ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي،
اوهان کي ٻڌايان ته 12 اپريل 2021ع سومر ڏينهن سي سي آءِ جي اجلاس ۾ 2017ع جي آدمشماري جي نتيجن کي سرڪاري طور لاڳو ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، وزيراعظم عمران خان سميت ڪل 8 ميمبرن تي ٻڌل سي سي آءِ ميمبرن مان 7 ميمبرن 2017ع جي آدمشماري کي لاڳو ڪرڻ لاءِ حق ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير ان جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو آهي، جڏهن آگسٽ يا نومبر 2017ع ۾ آدمشماري جا عبوري نتيجا سامهون آيا هئا تڏهن سنڌ حڪومت سوڌو مختلف صوبن اعتراض واريا هئا. سنڌ حڪومت جو موقف آهي ته سنڌ جي ڏيڍ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آبادي گهٽ ظاهر ڪئي وئي آهي، سنڌ حڪومت وٽ جيڪڏهن سنڌ صوبي سان آدمشماري جي انگن اکرن ۾ ايتري زيادتي ڪرڻ لاءِ دليل هئا ته جيئن پنج سيڪڙو بلاڪن جي آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو هو تڏهن سنڌ حڪومت کي فوري طور اها آڊٽ ڪرائڻ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها پر وفاق پنهنجي واعدي تي عمل نه ڪيو، سنڌ حڪومت به وفاق کي اهو واعدو ياد ڏياري آڊٽ ڪرائڻ جو عمل شروع ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي ڇا سنڌ حڪومت کي اهو معلوم نه هو ته عالمي معيارن موجب آدمشماري ٿيڻ جي 6 مهينن اندر اگر آدمشماري بلاڪ جي آڊٽ نه ٿي ته ان بعد آڊٽ ڪرائڻ بي معنيٰ تصور ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت کي معلوم هو پوءِ به آڊٽ ڪرائڻ لاءِ بار بار ياد ڏيارڻ ۽ ان باوجود مامرو حل نه ڪرڻ تي احتجاج ڪرڻ گهرجي ها، پر ايئن نه ٿيو، ايئن آدمشماري کي التوا ۾ رکرائي وفاقي حڪومت ساڳئي آدمشماري کي لاڳو ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ڏسجي ته سنڌ حڪومت اهو مامرو جڏهن گڏيل پارليامينٽ ۾ آڻي ٿي تڏهن پارليامينٽ ڪهڙو فيصلو ڪري ٿي، ڇو ته پارليامينٽ جيڪو به فيصلو ڪيو اهو حتمي فيصلو تصور ٿيندو، پر منهنجي خيال ۾ سنڌ حڪومت کي ايندڙ آدمشماري جي تياري طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي ڇو ته وفاقي حڪومت اعلان ڪيو آهي ته 8 هفتن اندر نئين آدمشماري جو فريم ورڪ تيار ڪيو ويندو ۽ آڪٽوبر مهيني تائين ملڪ اندر آدمشماري جو عمل شروع ٿيڻو آهي،
جيڪڏهن جلد آدمشماري ٿيڻ وڃي رهي آهي ته سنڌ حڪومت کي آدمشماري ڪرائڻ لاءِ تيار ٿيندڙ سوال نامي کان وٺي اسٽاف جي مقرري تائين جي مامرن کي سنجيدگي سان ڏسڻ گهرجي، سنڌ حڪومت کي آدمشماري لاءِ اهڙو سوال نامو جوڙائڻ گهرجي جنهن سان سنڌ صوبي اندر رهندڙ اصل رهواسين سوڌو پنجاب، ڪي پي ، بلوچستان، آزاد ڪشمير، گلگت سان تعلق رکندڙ سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن جو تعداد به سامهون اچي سگهي نه رڳو ايترو پر سوال نامو اهڙو ٺهڻ گهرجي جنهن سان افغاني پناهگيرن، برمين، بنگالين سوڌو غير ملڪي شهرين جي به سنڌ اندر موجود آبادي جا انگ اکر سامهون اچي سگهن، جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته ان سان سڄي سنڌ خاص طور تي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ ٻين صوبن توڙي غير ملڪين جي آباد جو پتو پئجي ويندو، ان سان سنڌ وفاق يا ٻين صوبن کان ٻين صوبن جي رهندڙ آبادي جي بنياد تي وسيلن مان حصو ڏيڻ جو مطالبو ڪري سگهي ٿي ۽ ان سان اصل رهواسين جو به انگ معلوم ٿيندو، جنهن بنياد تي قومي اسيمبلي ۾ سيٽن جي به ورڇ ٿيڻ گهرجي.