ڪراچي(ڪلچرل رپورٽر) نامياري پاڪستاني اداڪار نعمان اعجاز جو پٽ به ڊرامن ۾ انٽري لاءِ تيارٿي ويو آهي. نعمان اعجاز جو پٽ زاويار اعجاز جلد ئي اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندو. ان کان اڳ هلندڙ سال فيبروري ۾ ٿيندڙ فيشن شو ۾ زاويار پيءُ نعمان اعجاز سان گڏ ڪيٽ واڪ ڪئي هئي، جنهن کان پوءِ افواهه هئا ته هو جلد ٽي وي اسڪرين تي نظر ايندو، پر هاڻي زاويار اعجاز انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري جو اسڪرپٽ شيئر ڪري ڏيو. انهن تصويرن مان اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو ناهي ته زاويار جلد ڊرامه انڊسٽري ۾ انٽري ڏيڻ وارو آهي.