نصيرآباد (ن پ ا ) نصيرآباد ڊگري ڪاليج وٽ انڊس هاءِ وي تي راضي ديري کان نصيرآباد رڪشا لوڊر تي مڇي کڻي ايندڙ گمبٽ تعلقي جي  ڳوٺ دلاور جي رهواسين  سان حادثو ٿي پيو، حادثي ۾ 50 سال جو ممتاز علي کهڙو فوت ٿي ويو ۽ رڪشا لوڊر هلائيندڙ ڊرائيور محمد حسن ملاح زخمي ٿي پيو، جن کي شهرين اسپتال منتقل ڪيو آهي.