گاجي کهاوڙ (ن پ ا) نصيرآباد ۾ روزاني پنهنجي جي رپورٽر راجا ريحان لاشاري جي ڀاءُ ڪي بي لاشاري ۽ وڪيل ظهير حسين کهاوڙ جي فوٽو ڪاپي جي معاملي تان دڪان تي جهيڙو ٿي پيو، وڪيل ظهير حسين جي فرياد تي نصيرآباد ٿاڻي تي روزاني پنهنجي اخبار جي رپورٽر راجا ريحان لاشاري، سندس جي ڀاءُ ڪي بي لاشاري ۽ جي ايم لاشاري سميت 15 اڻسڃاتلن ماڻهن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس روزاني پنهنجي اخبار جي رپورٽر راجا ريحان لاشاري کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، فريادي وڪيل ظهير کهاوڙ ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن مون کي چيو ته تون سرائي سبز علي کهاوڙ جو وڪيل آهين، اسان جي مائٽ جي ايم لاشاري جي خلاف وڪالت ٿو ڪرين، فريادي ڄاڻايو ته جوابدارن مٿس تشدد ڪيو، هوڏانهن روزاني پنهنجي اخبار جي رپورٽر راجا ريحان لاشاري ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ ڪي بي لاشاري جو فوٽو ڪاپي جو نصيرآباد ۾ دڪان آھي، وڪيل ظهير حسين کهاوڙ فوٽو ڪاپي ڪرائڻ آيو هو ته ٻنهي ڄڻن ۾ فوٽو ڪاپي جي ڳالهه تان معاملو ٿيو. نصيرآباد پوليس ٻڌايو ته راجا ريحان لاشاري کي گرفتار ڪيو آهي.