نبي سر روڊ (رپورٽ: بنڀو چانڊيو) قديمي شهر نبي سر ٿر جي وارثي نه ٿي، مسئلن جو ڳڙهه بڻيل، يوسي جو درجو ملڻ باوجود ترقي خواب بڻيل، رهواسي عذاب ڀوڳڻ تي مجبور، خبر موجب ضلعي عمرڪوٽ جي قديمي ۽ تاريخي شهر نبي سر ٿر مسئلن جي ور چڙهيل آهي، ان ڏس ۾ شهرين عبدالرشيد ميمڻ، گرڌاري لعل، نرمل بيوس ۽ ٻين چيو ته شهر جا مسئلا حل ٿيڻ بدران ويتر وڌڻ لڳا آهن، جنهن ڪري اسان عذاب ڀوڳڻ تي مجبور آهيون، هنن چيو ته شهر جو ڊرينج سسٽم گذريل ڊگهي عرصي کان مڪمل طور ناڪارا بڻيل آهي، جڏهن ته صفائي نه ٿيڻ ڪري گٽر نالا روڊن تي وهڻ لڳا آهن، جنهن ڪري رهواسي سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته گٽر نالن جي صفائي نه ٿيڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن سبب بيمارين منهن ڪڍيو آهي. شهرين ٻڌايو ته صفائي ۽ مک رستن تان گندو پاڻي پنهنجي مدد پاڻ تحت نيڪال ڪرايو آهي، جڏهن ته انتظاميا ڪي به قدم ناهن کنيا، هنن چيو ته نبي سرٿر کي يوسي جو درجو ملڻ باوجود به شهر کي ٽڪي جو فائدو نه رسي سگهيو آهي، شهرين موجب شهر ٻن تعلقن ڪنري ۽ عمرڪوٽ جي وچ وارو هئڻ باوجود به هتي ڪو ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو آهي، جنهن ڪري شهر کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، هنن چيو ته سهولتون نه هجڻ سبب گهڻي ڀاڱي شهر مان واپاري طبقو لڏپلاڻ ڪري ٻين شهرن ڏانهن هليو ويو آهي، هنن چيو ته نبي سر ٿر ۽ ڀرپاسي جا نئوڪوٽ، عمرڪوٽ، نبي سر روڊ سميت ٻيا روڊ پڻ زبون حال بڻيل آهن، جنهن ڪري علائقي واسي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته هن وقت ٿرڪول رٿا کي پاڻي پهچائڻ لاءِ ٺاهيل ڊيم پڻ ماڻهن جي تفريح جو مرڪز بڻيل آهي پر روڊ ٽٽل هئڻ سبب ماڻهو سخت پريشان ٿي واپس موٽيو وڃن ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته شهر جي صفائي يقيني بڻائي ترقياتي ڪم ڪرايا وڃن، ان ڏس ۾ يو سي جي سيڪريٽري دودو شر جو چوڻ هو ته صفائي لاءِ ڪو به سينٽري ورڪر مستقل مقرر ناهي ڪيو ويو، جنهن ڪري شهر جي صفائي لاءِ ٽائون انتظاميه کان ڊيلي ويجز تي عملو کڻي صفائي ڪرائيندا آهيون.