ناظم جوکيو قتل ڪيس: ڄام ڪريم جو گھيرو ٻيهر تنگ

0
396
ناظم جوکيو قتل ڪيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ ڄام عبدالڪريم ۽ ٻين جي ضمانت بابت نيشنل ڪميشن فار هيومن رائٽس ڪميشن ڌر بڻائڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ناظم جوکيو جي قتل بعد معاشري ۾ خوف ۽ حراس ۾ پيدا ٿي ويو هو، ناظم جوکيو جي قتل ۾ طاقتور ماڻهو ملوث آهن، ڄام عبدالڪريم جو تعلق پ پ سان آهيمجبور آھيان: شيرين جوکيو

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جڊيشل مئجسٽريٽ ملير 8فيبروري تي ڪيس جو چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ آفيس جي ڪري ڪيس جو چالان دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي ڪري دير ڪئي پئي وڃي

درخواست ۾ چيو ويو ته 30 مارچ تي ناظم جوکيو جي بيواهه جو بيان سوشل ميڊيا تي آيو جنهن ۾ هن چيو ته جوابدارن کي معاف ڪيان ٿي، رياست بيواهه کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، استدعا آهي ته ڌر بڻجڻ جي اجازت ڏني وڃي، درخواست جبران ناصر ايڊووڪيٽ ۽ ٻين جي ذريعي داخل ڪئي وئي