نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جا امتحان 17 مئي کان شروع ڪرڻ جو فيصلو

0
593
امتحانن ۾ رشوت عيوض مارڪن

ڪراچي: تعليم جي صوبائي وزير سردار شاهه جي سربراهي ۾ تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نئون تعليمي سال پهرين آگسٽ کان شروع ٿيندو. ذريعن موجب نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جا امتحان 17 مئي کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏهن ته يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا ساليانا امتحان 15 جون کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ٿيو

گرمين جون موڪلون به جون ۽ جولائي ۾ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. صوبائي وزير سردار شاهه جي صدارت هيٺ اسٽيئرنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۽ اسڪول ايجوڪيشن کاتي جو سيڪريٽري اڪبر لغاري ۽ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جو سيڪريٽري خالد حيدر شاھ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ڪاميٽي ميمبرن کان نئين تعليمي سال، امتحانن ۽ گرمين جي موڪلن بابت تجويزون ورتيون ويون.