نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيارعلي نهڙيو) نئون ڪوٽ ڀرسان وڄوٽو ۽ ڪلوئي پوليس جي حد ۾ ٿر  جي فطري سونهن رکندڙ روهيڙي جي وڻن جي واڍي ۽ وڪرو عروج تي پهتل آهي، ڳوٺ سيڏيو ۽ آس پاس ٻين ڳوٺن ڀرسان ڪاٺ جو ڪاروبار ڪندڙ ڊيلر سرگرم ٿي هزارين روهيڙي جا وڻ وڍرائي آرا مشينن تي وڪرو ڪرڻ لڳا، ان ڏس ۾ روزاني پنھنجي اخبار کي مليل ڄاڻ موجب ٿر جي ڪلوئي، ڏيپلو، مٺي تعلقي ۾ ٻيلي کاتي ۽ پوليس جي مبينا طور ملي ڀڳت ڪري وڻن جي واڍي جي موڪل ڏني آهي، ٻئي طرف علائقي واسين ۽ ساڃاھ وندن پاران وڻ جي واڍي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ڪلوئي سميت ٿر جي مختلف تعلقن ۾ وڻن جي واڍي جيئن جو تيئن جاري آهي، ماحول دشمن ماڻهو چند ڏوڪڙن جي لالچ ۾ ٻين قيمتي وڻن سميت روھيڙي جو وڻ به سرعام وڍي ٿر جي فطري حسن سان هٿ چراند ڪري رهيا آهن، جهنگلي جيوت بي حال بڻجي وئي آهي، جنهن جي ڪري سموري حياتيات جو جياپو خطري ۾ پئجي ويو آهي، روهيڙي جي ڪاٺ جو ڪاروبار ڪندڙ ڊيلر وڏي مقدار ۾ وڻ وڍرائي روز ڪاٺ جون گاڏيون ڀرائي رحمان آباد ۽ وڄوٽو ۽ ڏيپلو، مٺي  آرا مشينن تي کڻائي وڃي وڪرو ڪن ٿا، وڻن جي واڍي ۽ وڪرو تي ضابطو آڻي ٿر جي ناياب وڻن جي بچايو وڃي، ھوڏانھن ٻيلي کاتي ٿرپارڪر جي ڊي ايف او ڪاشف شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته وڻ جي واڍي خلاف علائقي واسي آفيس اچي درخواست ڏيندا جنهن بعد وڻ جي واڍي کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، وڄوٽو ۽ ڪلوئي پوليس موجب اسان کي وڻن جي واڍي بابت ڄاڻ ناهي، وڻن جي واڍي روڪڻ ٻيلي کاتي جو ڪم آهي.