نئين ڪابينا جِي جوڙ جڪ لاءِ شهباز شريف جِي اتحادين سان مشاورت

0
221
نئين ڪابينا جِي جوڙ جڪ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نئين ڪابينا جِي جوڙ جڪ لاءِ وزير اعظم شهباز شريف جِي اتحادين سان مشاورت جاري آهي،  بلاول ڀٽو زرداري کي پرڏيهي وزير بڻائڻ تي غور، راڻا ثناءُ الله کي گهرو وزير ۽ مريم اورنگزيب کي سُڌ سماءَ واري وزارت جو قلمدان ملڻ جا امڪان آهين

ذريعن موجب نون ليگ کي 12، پيپلز پارٽي کي 7، جي يو آءِ کي 4 ۽ ايم ڪيو ايم کي 2 وزارتون ملنديون، جڏهن ته محسن داوڙ، اسلم ڀوتاڻي ۽ طارق چيمه کي به وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي

اسپيڪر لاءِ نويد قمر جي نالي تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جِي تبديلي تي به مشاورت ڪئي پئي وڃي، اڄ رات تائين وفاقي ڪابينا جي اعلان جو امڪان آهي

ھي به پڙھندا

شهباز شريف پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون