نئين سال تي آتشبازي روڪڻ جي درخواست رد

0
183
نئين سال تي آتشبازي

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نئين سال جي موقعي تي آتشبازي روڪڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آھي، شهري اڄ رات 12 وڳي تائين جاري ڪيل اين او سي واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي هئي، درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڊپٽي ڪمشنر 31 ڊسمبر جي رات جو اين او سي جاري ڪيو هو، جي ٽي روڊ به گڏ آهي ان ڪري باهه آتشبازي جي اجازت نھ ھجڻ گھرجي

درخواست ۾ چيو ويو ته اسلام آباد جي وڏن شاپنگ مالز ۾ 30 منٽن تائين آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويندو آهي جنهن تي وڏي انگ ۾ ماڻهو اچن ٿا ۽ ان سبب ٽريفڪ جا مسئلا به آهن، درخواستگذار جي وڪيل اهو به چيو ته نوجوان ون ويلنگ ۽ ٻيون سرگرميون شروع ڪن ٿا

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته سڄي دنيا ۾ ائين ٿيندو آهي، هتي ئي نه پر سعودي عرب ۾ به ٿيو آهي، عوام  کي مزو وٺڻ ڏيو، عدالت بعد ۾ درخواست ناقابل ٻڌڻي قرار ڏيندي خارج ڪري ڇڏي