نئين آدم ڳڻپ بابت خدشا

0
424
غير روايتي حڪمت عملي جي ضرورت

وفاقي حڪومت ملڪ ۾ وقت کان اڳ نئين آدم ڳڻپ ڪرائڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن،  آئين موجب هر ڏهن سالن کانپوءِ ملڪ ۾ آدم ڳڻپ ٿيڻي آهي.ان حساب سان 2017ع کانپوءِ  اها مشق 2027ع ۾ ٿيڻي هئي، البته حڪومت پنهنجي هڪ اتحادي ڌر ۽ ان جي پٺڀرائي ۾ سنڌ حڪومت پاران ڪيل مطالبي جي موٽ ۾ پنجن سالن اندر نئين آدم ڳڻپ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

                 هن ڀيري آدم ڳڻپ لاءِ De-Jure بجاءِ  De-facto بنيادن تي آدم ڳڻپ ڪرائڻ جو اعلان ٻڌڻ ۾ آيو آهي، ساڳي طرح هن ڀيري آدم ڳڻپ ڊجيٽل طريقي سان ڪرائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.

    2017ع  جي آدم ڳڻپ جا نتيجا اچڻ شرط ڪراچي سان تعلق رکندڙ سياسي ڌرين ان تي واويلا ڪرڻ شروع ڪري ڏني، در حقيقت ان آدم ڳڻپ موجب ڪراچي جي آبادي هڪ ڪروڙ60 لک بيٺي هئي، ڪراچي جي سياست ڪندڙ ڌريون بنا ڪنهن دليل ۽ سروي جي اها دعويٰ ڪنديون رهيون آهن ته ڪراچي جي آبادي اڍائي ڪروڙ آهي، ان بنيادن تي هو ڪراچي جون اسيمبلي ۾سيٽون وڌائڻ ۽ وڌيڪ وسيلا خرچ ڪرڻ جا مطالبا ڪنديون رهيون آهن، ساڳي وقت انهن ڌرين کي وڌيڪ ڌڪ تڏهن رسيو جڏهن ڪراچي شهر جي آبادي جي لساني بيهڪ جا وچور پڌرا ٿيا.

 2 آگسٽ 2021ع تي روزاني “دي نيوز ”۾ ڇپيل هڪ تحقيقي خبر موجب هن آدم ڳڻپ ۾ اردو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ آبادي جو سيڪڙو گهٽيو ۽ سنڌي، پشتو، سرائيڪي ڳالهائيندڙن جو سيڪڙو وڌيو آهي، انگن موجب 1998ع ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو سيڪڙو48.5 هو جيڪو 2017ع ۾ گهٽجي 42.3 سيڪڙو ٿي ويو، ان جي ابتڙ سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي جيڪا 1998ع  ۾ 7.2 سيڪڙو هئي اها 2017ع ۾ وڌي 10.6 سيڪڙو ٿي وئي.

 اهي انگ اکر لساني بنيادن تي ڪراچي جي سياست ڪندڙڌرين لاءِ ڳڻتي جو ڪارڻ هئا،تنهن ڪري انهن ڌرين آدم ڳڻپ جي نتيجن جي مخالفت شروع ڪري ڏني. ياد رهي ته سنڌ جي مجموعي آدم ڳڻپ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جو حصو 60 سيڪڙو کان مٿي نڪتو هو.ان لحاظ کان ڏسجي ته اهي انگ اکر ڊيموگرافي جي حساب سان سنڌ جي اصلوڪي آبادي جي بهتر تناسب کي ظاهر ڪري رهيا هئا.

 البته سنڌ حڪومت اين ايف سي ايوارڊ ۾ وڌيڪ حصو وٺڻ جي چڪر ۾ ان آدم ڳڻپ کي رد ڪيو ۽ ڊيموگرافي واري پاسي کي ذهن ۾ نه رکيو. ايئن 13 اپريل 2021ع تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ نئين آدم ڳڻپ جي  منظوري ڏني وئي. چيو اهو ٿو وڃي ته هاڻي نئين آدم ڳڻپ ۾ ڊي فيڪٽوطريقو استعمال ڪيو ويندو، ياد رهي ته مروج “ڊي جوري” طريقي موجب رڳو اهو ماڻهو ڳڻيا ويندا  آهن جن جي مستقل رهائش ان شهر جي هوندي، ڪراچي ۾ ٿلهي ليکي پنجاهه لک  کان اسي لک اهڙا ماڻهو رهن ٿا جن جا اصلوڪا رهائشي علائقا ڪي ٻيا آهن، هاڻي جيڪڏهن ڊيفيڪٽو طريقي سان ڳڻپ ٿي ته پوءِ ان ڏينهن تي جيڪي به ماڻهو ڪراچي ۾ هوندا، اهي ڀلي ڪٿي جا به رهواسي هجن، انهن کي به ڳڻيو ويندو، ان جي نتيجي ۾ ڪراچي جي آبادي جيڪا هينئر باقي سنڌ جو لڳ ڀڳ 33 سيڪڙو آهي، اهو وڌي 45 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ٿي سگهي ٿي.جئين ته  2023ع جي چونڊن کي نئين آدم ڳڻپ جي بنياد تي ڪرائڻ جي به ڳالهه ٿي رهي آهي ته ان جو مطلب اهو هوندو ته پي ٽي آئي، ايم ڪيو ايم ۽ ٻيون اتحادي ڌريون ڪراچي جي سيٽن جو انگ وڌائي ايتريون سيٽون حاصل  ڪرڻ گهرنديون، جنهن سان يا ته اهي باقي سنڌ ۾ هيراڦيري وسيلي سنڌ مٿان پنهنجي حڪومت قائم ڪري وٺن يا وري سنڌ ۾ سندن مرضي کان سواءِ ڪا به حڪومت ٺهي يا هلي نه سگهي.

ان سڄي کيڏ کي سنڌ حڪومت سمجهي نه ٿي يا وري ان جو حصو بنجي رهي آهي، ٻنهي صورتن ۾ نه رڳو ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي پاڻ سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ کان محروم ٿي ويندي پر سنڌ جي اصلوڪن رهواسين مٿان انهن ڌرين جو انتظامي قبضو ٿي ويندو جيڪي سنڌ کي وڌيڪ صوبن ۾ ورهائڻ جي خواهش لاءِ اعلانيل جدوجهد ڪري رهيا آهن، هن وقت ڪراچي ۾ لساني سياست ڪندڙ سموريون ڌريون ساڳئي صفحي  تي آهن ته ڪراچي انتظامي طور باقي سنڌ کان الڳ هجي، ويندي پاڻ کي ملڪ گير ۽ مذهبي جماعت قرار ڏيندڙ جماعت اسلامي جي ڪراچي جي قيادت به ان ئي لائين تي سياست ڪري رهي آهي.

 رهي ڳالهه آدم ڳڻپ وسيلي پنجاهه سو ارب رپيا اين ايف سي وسيلي واڌو ملڻ وارو آسرو اهي به باقي 1100 ارب رپين جهڙوئي لاڀ ڏيندا .

انهن چند ارب رپين پٺيان سنڌ جيڪو ڊيموگرافي جو نقصان کائيندي ان جي اڳيان هزارين ارب رپين جي به ڪا حيثيت ناهي.

 سنڌ حڪومت کي گهرجي ته نئين آدم ڳڻپ لاءِ نئون فريم ورڪ جوڙائي جنهن هيٺ غير مقامي آبادي جي ڳڻپ ڪرائي سنڌ جي وسيلن مٿان بار قرار ڏيندي  انهن لاءِ وفاق کان اين ايف سي ۾ الڳ حصو گهري، البته جيئن ته اها آبادي مقامي ناهي  تنهن ڪري انهن کي نئين تڪ بندين ۽ سيٽن جي تعين جو بنياد نه بنائڻ گهرجي .

 جيستائين ڊجيٽل ڊيٽا رڪارڊنگ جو تعلق  آهي ته ان لاءِ جيڪي ٽيڪنالاجي  جا وسيلا، سکيا۽ ڊيٽا جي محفوظ هجڻ واريون تقاضائون آهن، انهن بابت عوام کي ڪجهه ٻڌايو ئي ناهي ويو،ڊجيٽل ڊيٽا سان ڊجيٽل هٿ چراند ڪرڻ سولو ڪم آهي، حساس ڊيٽا جي درست رڪارڊنگ ۽ ان جي سيڪيورٽي بنيادي سوال آهن،

 مجموعي طور هي  بي وقتي آدم ڳڻپ سنڌ واسين جي ڀلائي وٽان ٿيندي نظر نه ٿي اچي، سنڌ سرڪار کي عوام اڳيان آدم ڳڻپ جي حساس پاسن بابت وضاحتون ڏيڻ گهرجن، ان مشق جي نتيجي ۾ هٿراڌو طور انگ اکرن سان هٿ چراند ٿي ته ان جا سياسي نتيجا ڳنڀير نڪرندا ۽ سنڌ ۾ هڪ نئون ڏڦيڙ جنم وٺندو.