نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو لڳ ڳوٺ فيض محمد جيهو ۾ مڇي مارڻ جي ڳالهه تان 8 ڏينهن اڳ قتل ٿي ويل پيرسن عورت شاهنواز خاتون جي ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وارثن احتجاجي مظاهرو. ان موقعي تي روشن خاتون، عطا خاتون، قربان ۽ ٻين چيو ته ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدارن مولا بخش، عبدالله عرف شهزادو ۽ زاهد کي گرفتار نه پئي ڪري. هنن چيو ته رڳو 2 جوابدارن شفيق ۽ گلشن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.