نئون دمبالو (ن پ ا) نئون دمبالو ۾ چور خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بدران پوليس گهر ڌڻيءَ کي گرفتار کڻي وئي. نئون دمبالو چيڪ پوسٽ تي گهرڀاتين جو احتجاج. تفصيل موجب نئون دمبالو بسم الله ڪالوني ۾ رات دير سان چور ڀت ٽپي گھر اندر داخل ٿيو ته گھرڀاتي سُجاڳ ٿي پيا، رڙين تي پاڙي وارن موقعي تي پهچي چور کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو. اهڙي اطلاع تي پوليس ڪيس داخل ڪرڻ بدران گهر ڌڻي نياز آرائينءَ کي گرفتار ڪري کڻي وئي. اهڙي اطلاع تي گھرڀاتي پوليس چيڪ پوسٽ تي پهچي ويا پر چوڪيءَ تي موجود پوليس اھلڪارن گيٽ کي تالا ڏئي ڇڏيا. ان موقعي تي گهر ڌڻيءَ جي زال بينظير آرائين صحافين اڳيان دانھيندي چيو جوابدار گُلفام نظاماڻي ڀت ٽپي گھر اندر داخل ٿيو ته اسان رڙيون ڪيون. ان تي پاڙي وارن موقعي تي پهچي چور گُلفام کي پڪڙي ورتو. ڀت تان ٽپو ڏيڻ دوران سندس مٿو ڦاٽي پيو. ھن چيو ته اسان سان سان ظلم ٿيو آھي. پوليس چور خلاف قانوني ڪارروائي بدران گهرڌڻي کي کنڀي کڻي وئي آهي. ٻئي طرف ايس ايچ او عاشق لُنڊ ٻڌايو ته زخمي گُلفام نطاماڻي کي مٿي ۾ گھڻو ڌڪ لڳڻ سبب 10ٽانڪا لڳا آھن، جنھن جي اين سي داخل ڪئي آھي.