نئون دمبالو (ن پ ا) نئون دمبالو ۾ علي آباد شاخ جي پوڇڙيءَ جي آبادگارن منور علي جروار، محرم جروار، شبير جروار، اياز جروار ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام هنيو ته ايس ڊي او ايريگيشن نئون دمبالو منڍ جي آبادگارن کان رشوت وٺي علي آباد شاخ جي واٽر ڪورسن جون ماپون تبديل ڪرائي ڇڏيون آهن، اهو پوڇڙ جي آبادگارن سان ظلم آهي. اسان کي هٿ وٺي معاشي تباهيءَ ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ اسان خريف جا فصل نه پوکي سگھيا آهيون، هن وقت ته پيئڻ جو پاڻي اڻ لڀ ٿي چڪو آهي. ان معاملي تي احتجاج ڪيا پر ڪوبه ٻڌڻ وارو نه آھي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن پوڇڙ ۾ پاڻي ڏنو ويو ته روڊن تي نڪري ايس ڊي او آفيس جو گھيرو ڪنداسين. هوڏانهن ايس ڊي او اريگيشن ذوالفقار لاشاري جو چوڻ آھي ته علي آباد شاخ تي ھن وقت ست ڊيسي مل پاڻي ھلي رھيو آھي، جڏھن ته مڪمل ماپ 9 ڊيسي مل آھي. پاڻيءَ جي کوٽ ھئڻ باوجود ٽيل جي آبادگارن کي پاڻي ڏئي رھيا آھيون.