مھانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي

0
148
مھانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي

زندگي خدا طرفان ھڪ انمول تحفو آهي پر ان کي گذارڻ لاءِ سھولتن جو ھجڻ اھميت رکي ٿو، جيئن ھر ڏينهن وڌندڙ مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي معاشري جو ھر انسان جيڪو ٻچن جي پيٽ پالڻ ۽ انھن کي سٺي تعليم ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات محنت، مزدوري ڪري انھن  لاءِ ھر قسم جون ضرورتون پوريون ڪرڻ چاھيندو آھي پر ھر نئين ڏينھن شين جي قيمتن ۾ اضافي ٿيڻ ڪري اھي صرف ھڪ وقت جو کاڌو ئي ڏکيائي سان مھيا ڪري سگهندا آھن. جي انسان جي زندگي ۾ بنيادي سهولتون نه ھونديون ته پوءِ زندگيءَ جي گاڏي کي ڪيڏو نه ڏکي مرحلي مان گذاريندو. اھيو ته صرف اھو ئي ڄاڻي سگھي ٿو جيڪو ان مان گذرندو ھجي. اھو ڪو ڏينهن خالي ناهي جنھن ڏينھن بنيادي شين جھڙوڪ کاڌي پيتي جي سامان جي قيمت ۾ ٻيڻ تي اضافو ڪيو ويو ھجي. پيٽرول، تيل، گيس، بجلي، گيھه، کنڊ، اٽو، وغيره. جي تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته پهريون مھانگائي جو ايترو عذاب نه هوندو هو جيڪو ھاڻ شين جي قيمتن کي جبل جي اوچائي تائين پھچايو ويو آهي.اڄ پاڪستان مھانگائيءَ جي لحاظ کان دنيا جي ڇوٿين نمبر تي آهي،

جنھن سان عوام ڪيترو متاثر ٿي رھيو آھي ان جو ڪير  سوچي به نٿو سگهي. جيئن ته شين جي قيمتن ۾ ھر ڏينھن اضافي سبب شين جا اگھه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، جنھن ڪري عوام جو گذران ڏکيو ٿي ويو آهي، جي ڪو پورھيت پورو ڏينھن مزدوري ڪري ٿو ته ھو روزانون 500 رپيا ڪمائي ٿو، ھاڻ ھو ايترن پئسن مان ڇا وٺي سگھندو؟ ٻن وقتن جي ماني جو بندوبست ڪندو، ضرورت جو سامان، گئيس، بجليءَ جو بل ڀريندو، گھر جي مسواڙ، ٻارن جي پڙهائي يا وري دوائن تي خرچ ڪندو؟ اھي ته پنھنجي گذران لاءِ معمولي شين کي خريد ڪرڻ ۾ مونجھارا محسوس ڪندو. جي ھي سامان ھيترن پئسن ۾ ايندو ته پوءِ ٻئي وقت لاءِ ڇا ٿيندو؟  اھي ته صرف معمولي شيون آھن پر انسان جي زندگي ۾ ڪيتريون نه خواھشون ھونديون آھن، نوان ڪپڙا پائڻ، کاڌو پيتو، سٺو کائڻ، تعليم پرائڻ پر افسوس! جو ھن مھانگائي جي سوناميءَ عوام جون خواهشون لوڙھي ڇڏيون آهن.

اسان جي بدقسمتي اھا به آھي ته اسان جي ملڪ جي حڪومت ۽ طاقتور طبقا عوام جي سورن، تڪليفن، مايوسين، مجبورين ۽  پريشانين وغيره کي پسڻ جي ڪوشش ناهن ڪندا. جيئن ھڪ چوڻي آهي ته ”ھنڌ اھو سڙي جتي باهه ٻري” شايد اسان جي ملڪ جي عھديدارن کي  عوام جي جيئڻ يا مرڻ سان ڪو واسطو ئي ناهي.  تڏھن ئي مھانگائي جي عذاب کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. مھانگائي جي وڌڻ سبب ئي ماڻھن مان شين کي پوري ڪرڻ جي سگھه ختم ٿي رھي آھي، جنھن ذريعي دماغي بگاڙ، اسٽريس، فسٽريشن ۽ آپگھات وغيره جھڙا سبب جنم وٺن ٿا، ان کان سواءِ ماڻھو باغي ٿي اھڙا قدم کڻن  ٿا، ان سان گڏ بيروزگاري ڏينھون ڏينھن وڌنڌي پئي وڃي، لکيل پڙھيل نوجوان نوڪرين جي پٺيان رلندا، دردو ڀريندا وٽن پر نوڪريون ناھن ۽ ويندڙ مھانگائي ھر ڏينھن ڪيترين ئي مسئلن کي مقابلو ڪرڻ لاءِ بيوس، بي يارو مددگار ڪري ڇڏيو آھي، جنھن ذريعي ڪيترائي خراب نتيجا جنم وٽن ٿا پوءِ انھن جو ذميوار ڪير آهي؟ ھن وقت تائين جيڪي به ملڪ کي سنڀالڻ لاءِ عھد کنيا ويا آھن ڇا انھن مان ڪنھن ھڪ کي پورو ڪيو ويو آهي؟  ڇا ملڪ مان بيروزگاري کي ختم ڪيو ويو آهي؟ ڇا  عوام کي ڪو رليف فراهم ڪيو ويو آهي؟ اسين اڄ به ڪيترن ئي سوالن جي جوابن کان محروم آھيون ۽ خبر ناھي ته اسين اڃا ڪيستائين محروم رهنداسين؟