بزرگ سياستدان اعجاز شاھ شيرازي جي ٻي ورسيءَ جي مناسبت سان … سياستدانن کي عوام جي ڪيل خدمت ئي ياد رکرائيندي

0
127
بزرگ سياستدان اعجاز شاھ شيرازي جي ٻي ورسيءَ جي مناسبت سان ... سياستدانن کي عوام جي ڪيل خدمت ئي ياد رکرائيندي

 ھڪ ھر دل عزيز سياستدان جي حيثيت سان سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي جدائي سجاول ۽ ٺٽي  ضلعن جي عوام جي اکين کي پرنم ڪري ڇڏيو آھي. اڄ مرحوم اعجاز علي شاھ شيرازي جي ٻي ورسي آھي پر سندس جدائي جو غم بلڪل  تازو محسوس ٿي رھيو آھي. اعجاز شاھ جون يادگيريون زندگيءَ جي ٿڌين ۽ گرم شامن ۾ ھڪ ڏيئي وانگر آھن. سائين اعجاز شاھ شيرازي جي ھر دلعزيزي جو اندازو ان مان به لڳائي سگھجي ٿو ته ٻنھي ضلعن جو عوام خوشي ھجي يا غم کيس پاڻ سان گڏ محسوس ڪري ٿو. مروجه ٻولي ۾ ڪجھه لفظ ۽ اصطلاح مسلسل ۽ بي موقع استعمال ٿيڻ سبب پنھنجي اھميت وڃائي ويٺا آھن. انھن لفظن ۾ ھڪ لفظ ھردلعزيز پڻ آھي. اڄ ڪلھ چاپلوسي ۾ يا ڪنھن کي خوش ڪرڻ لاءِ ان شخص کي ھردلعزيز ڪري پڪاريو ويندو آهي پر حقيقت اھا ھوندي آھي ته ان شخص جو نالو ٻڌڻ سان ئي ماڻھو بيزاري محسوس ڪندو آھي. اسان وٽ عام طور تي سياسي جلسن جلوسن ۾ مغرور، متڪبر ۽ انسان بيزار شخص کي اسٽيج سيڪريٽري ھردلعزيز ڪري گھرائيندا ۽ ان کي خوش ڪرڻ لاءِ چاپلوسي جو سھارو وٺندا آھن پر عام معاشري ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ئي ماڻھو ھردلعزيز ھوندا آھن جيڪي ھر ڪنھن کي عزيز ھوندا آھن يعني سڀني کي وڻندا آھن. ماڻھو انھن سان ملي خوشي جو اظھار ڪندا آهن انھن جي غيرموجودگي ۾ کوٽ محسوس ڪندا آهن، انھن وٽ گھڻو وقت ويھڻ کي به مختصر سمجھندا آھن. جيئن ڪنھن بزرگ جو قول آھي ته ھر دلعزيز شخص اھو ھوندو آھي جيستائين اھو زندہ ھوندو آھي ماڻھو ان سان ملڻ لاءِ بيتاب ھوندا ۽ جڏھن ان جو انتقال ٿئي ته ماڻھو ان جي غم ۾ لڙڪ ڳاڙين.

اعجاز شاھ شيرازي جو شمار به انھن ھردلعزيز ماڻھن ۾ ٿئي ٿو. ھو جيستائين جيئرو رھيو ٻنھي ضلعن جي عوام جو ڀرجھلو رھيو ھر ھڪ ماڻھو کيس پنھنجو غمگسار سمجھندو ھو. ماڻھو سندس اوطاق تي ساڻس ويھي ڪچھريون ڪرڻ ۽ سندس محفلن ۾ ويھڻ اعزاز سمجھندا ھئا. ان سان گڏ وقت گذارڻ ۽ ويھڻ جي خواهش رھندي ھئي پر پاڻ جڏھن ھن وقت ھن دنيا مان وڃي چڪا آھن ته سجاول ۽ ٺٽي جا ماڻھو کيس سٺن لفظن ۾ ياد ڪري رھيا آھن. جيتوڻيڪ اعجاز شاھ جو ڀاءُ شيرازي گروپ جو سرواڻ سيد شفقت حسين شاھ شيرازي ۽ سندس فرزند اياز علي شاھ شيرازي ڏينھن رات عوام جي خدمت واري ڪم ۾ رڌل آھن پر سيد اعجاز علي شاھ شيرازي جي کوٽ شدت سان محسوس ڪري سگھجي پئي. سيد اعجاز علي شاھ  شيرازي ۾ خدا تعاليٰٰ تمام گھڻيون صفتون رکيون ھيون. ھڪ ته ھن کي وڏائي ۽ تڪبر ڇھي به نه گذريو ھو ٻيو پاڻ انتھائي سادا ۽ بلڪل عام ماڻهن وانگر عوام جي وچ ۾ ويھي سندن فيصلا ڪرڻ ۽ انھن جي مسئلن کي فيصلا ڪري جلد اڪلائڻ ۾ يقين رکندا ھئا. پاڻ سياست کي هميشه عبادت جو درجو ڏنو ۽ عوام جي خدمت سندن اولين ترجيع ھوندي ھئي.

اعجاز شاھ شيرازي جيئن ته اھلبيت سان تعلق رکندڙ هو ان ڪري سندس پوري ڪوشش ھوندي ھئي ته سندس ڪمن ڪارين ۾ اھلبيت جو رنگ نظر اچي. ايثار قرباني ۽ پنھنجي تڪ جي عوام جي خدمت جو جذبو کيس سنڌ جي سمورن سياستدانن ۾ ممتاز رکندو ھو. ٻنھي ضلعن ۾ ٿيندڙ شادين مرادين، فوتگين ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ پھچندو ھو يا شيرازي خاندان جو ڪو فرد ضرور اماڻي انھن جي خوشين ۽ غمن ۾ شريڪ ٿيڻ لازمي سمجھندو ھو. سندس اھا صفت ته کيس سڄي سنڌ جي سياستدانن ۾ ممتاز رکي ٿي. ھڪ ھردل عزيز سياستدان جي حيثيت سان اعجاز شاھ جي جدائي لکين ماڻهن جي اکين ۾ ڳوڙھا آڻي دلين کي غمزده ڪري وڌو آھي. پاڻ جيتوڻيڪ ھن وقت اسان وٽ جسماني طور موجود نه آھي پر سندس عوام جي خدمت وارو ڇڏيل مشن سندس ڀاءُ سيد شفقت حسين شاھ شيرازي، سندس فرزند ايم اين اي اياز علي شاھ شيرازي، ايم پي رياض شاھ شيرازي، سندس ڀائيٽو شاھ حسين شاھ شيرازي ۽ سندس خاندان جا ٻيا فرد جاري رکيو اچن پيا. سندن عوام سان بي لوث محبت ۽ عوام جي خدمت يقيناً سائين اعجاز شاھ شيرازي جي لاءِ صدقه جاريه ھوندي. اسان جي دعا آھي خدا تعاليٰ اعجاز شاھ شيرازي کي سندس ڪيل عوامي خدمتن عيوض جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا ڪري ۽ سندس پونئرن کي به سندس نقش قدم تي ھلندي ان وانگر ھميشه عوام جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.