ٺٽو ( رپورٽر ) مڪلي ويجھو پوليس کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش دوران ڪار سان ٽڪرائجي رٽائرڊ استاد زخمي ٿي پيو، پوليس پهچي ڪار روڪي وڏي مقدار ۾گٽڪي جو سامان تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گجو واسي رٽائرڊ استاد  رئيس احمد زيدي زخمي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو .پوليس جو چوڻ هو ته ڪار ڊرائيور حيات پٺاڻ سميت ٻن ڄڻن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.