ٺٽو (رپورٽر) جاتيءَ ويجهو ساحلي پٽيءَ جي ڳوٺ حاجي قاسم ٿھيم واسين رمضان ۽ خادم حسين ٿھيم پنھنجي معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سان گڏ مڪلي پهچي بااثرن خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ڪجھه مھينا اڳ سندن برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ سمنڊ مان مڇي جي شڪار تان ٿيل جهيڙي ۾ مخالف ڌر جا 2 ماڻھو مارجي ويا ھئا، ان ڪيس ۾ سندن 5 ماڻھن کي پوليس گرفتار ڪري بدين جيل موڪلي ڇڏيو آھي، ڪيس عدالت ۾ پڻ ھلندڙ آھي. اسان گهر خالي ڪري ٻئي ڳوٺ ۾ پناھ ورتي آهي. اتي به سندن مخالفن جيئڻ جنجال ڪندي گھرن کي باهيون ڏئي ڦرلٽ ڪئي، وڻ وڍرائي سندن هوڙن کي پڻ سخت نقصان رسايو. ان جي باوجود پوليس سندن ڪابه مدد نه پئي ڪري. هنن مطالبو ڪيو ته بااثر مخالفن خلاف ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.