ڪراچي : پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي ۽ خرم شير زمان  فيصلي کي جمھوريت سان مذاق قرار ڏئي مايوسي ظاهر ڪري ڇڏي،  سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هنن چيو ته چئن  هفتن جي تاريخ ڏيڻ جي اُميد نه هئي، اڄوڪي فيصلي کان مايوس ٿيو آهيان، سنڌ ۾ جمهوريت سان مذاق ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته اسان اميد ڪريون ٿا ته اليڪشن ڪميشن جو 22 نومبر تي ٿيندڙ فيصلو اڄوڪي فيصلي جي کوٽ کي پورو ڪندو، هنن چيو ته سنڌ حڪومت ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مڪاني چونڊ ملتوي ڪرائڻ چاهي ٿي، صوبي ۾ ٻوڏ  متاثر اڄ به دربدر آهن، جڏهن ته پوليس کي وري ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ اماڻيو ويو آهي، جماعت اسلامي جي وڪيل عثمان فاروق چيو ته عدالتي فيصلي ۾ مهيني جو ٽائيم ڏنو ويو آهي، هاءِ ڪورٽ اسان جي درخواست منظور ڪندي سنڌحڪومت کي پوليس جي نفري فراهم ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو آهي.