ڪراچي: ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر ۽ اڳوڻي ميئر وسيم اختر سپريم ڪورٽ کان مطالبو ڪيو آهي ته ھاءِ ڪورٽ پاران مڪاني اليڪشن بابت ڏنل فيصلي جو  پاڻمرادو نوٽيس وٺي، اسان ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ عمران حڪومت سان ساڍا ٽي سال  گذاريا،  بعد ۾ تحريڪ انصاف جو ساٿ ڇڏي انهي شرط تي پي ڊي ايم سان ٿياسين ته ڪراچي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، اسان ووٽر لسٽن   ۽ تڪبندين جي درستگي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتن ۾ وياسين، ساڳئي وقت مڪاني نمائندن جي اختيارن لاءِ جدوجهد ڪندا رهياسين پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جي پٽيشنز تي اسان پنهنجو موقف رکيو،  اسان جي خلاف فيصلو اچڻ باوجود جدوجهد ختم ناهي ڪئي، سپريم ڪورٽ جو مڪاني ادارن جي اختيارن بابت واضح فيصلو موجود آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي 2013ع  وارو مڪاني قانون قبول ڪيو آهي، اسين مڪاني نمائندن جا اختيار ۽ منصفياڻون تڪبنديون چاهيون ٿا،اهي مسئلا حل ٿيڻ جي ٻئي ڏينهن  ڀلي مڪاني اليڪشن ڪرائي وڃي، باقي  موجوده صورتحال ۾ اليڪشن ٿي ته ڪراچي جو نئون ميئر مون جيان بي اختيار ھوندو، ھن چيو ته جماعت اسلامي کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ وارن  ڪراچي سان ڪيل هڪ به واعدو وفا ناھي ڪيو،  ھن پ پ قيادت کان مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم سان ڪيل معاهدي تي عمل ڪيو وڃي، ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ڪراچي جو ڪيس ايم ڪيو ايم وڙهيو آهي، جماعت اسلامي وارا اجايو گوڙ پيا ڪن، هن چيو ته  هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو فائدو پ پ  ۽ نقصان ڪراچي کي ٿيندو.