ڪراچي(رپوٽ: فقير سليم) ايم ڪيو ايم پاران مڪاني ادارن واري ترميمي بل خلاف 11 ڊسمبر تي اي پي سي ڪوٺائڻ جو اعلان، پي ايس پي عدالت پهچي وئي، ان ڏس ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ سينيٽر فيصل سبزواري صوبائي مڪاني ادارن واري ترميمي بل خلاف 11 ڊسمبر تي آل پارٽيز ڪانفرنس ( اي پي سي) ڪوٺائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ لساني حڪومت قائم آهي، جنهن خلاف هاڻي ڪراچي جو عوام احتجاج ڪندو، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته سنڌ ۾ 2008ع کان هلندڙ پ پ حڪومت شهري علائقن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو آهي، ڪراچي ۾ عمارتون ڊاهڻ ۾ عدليه کي دلچسپي آهي پر پ پ جي بدانتظامي تي عدالتون نظر ڇو نٿيون وجهن؟ هنن چيو ته پ پ جي ڪڏهن به سنڌ جي شهري علائقن تي حڪمراني ناهي رهي، تازو سنڌ سرڪار مڪاني ادارن وارو بل پاس ڪرائي سنڌ جي شهري علائقن کي مفلوج (لاچار) ڪري ڇڏيو آهي، پ پ سنڌو ديش واري خواب جي تڪميل لاءِ راهموار پئي ڪري، پ پ آڏو اسان ئي رڪاوٽ آهيون، هنن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 140 تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، ماڻهن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي، هر دروازو کڙڪائي ڏٺو آهي، عوام ڪراچي جا ادارا هڪ نسل پرست حڪومت حوالي ڪيئن ڪندو؟ سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائلن ذريعي سوا لک نوڪريون لساني بنيادن تي ڏنيون ويون آهن، چيف جسٽس کي انهي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ٻئي طرف پي ايس پي مڪاني ادارن واري بل خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مڪاني ادارن وارو ترميمي بل آئين جي فقرن 7، 8، 32 ۽ 140 اي جي خلاف آهي، سنڌ حڪومت بدنيتي جي بنياد تي لوڪل باڊيز ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ترميمي بل کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، ٻئي طرف پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو پ پ حڪومت رياست خلاف ڪم ڪري رهي آهي، لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل 2021ع عوام دشمني تي ٻڌل ۽ جمهوريت تي ڪارو داغ آهي. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت قائم رکڻ لاءِ ڪراچي شهر کي گروي نه رکنداسين.