مٽڪي واري برياني ۽ چانهه بعد مٽڪا پيزا جا چرچا

0
250

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) مٽڪي واري برياني ۽ چانهه بعد مٽڪا پيزا جا چرچا ٿيڻ لڳا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارت جي هڪ فوڊ بلاگرجي مٽڪا پيزا جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو ۾ فوڊ بلاگرپاران ٺاهيل انوکي مٽڪا پيزا کي ڏسي سگهجي ٿو، ان ڊش جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان کي پيزا ڊو بنا ٺاهيو ويوآهي، وڊيو ۾ دڪاندار کي شاندار نموني پيزا ٺاهيندي ڏسي سگهجي ٿو، فوڊ بلاگر پنهنجي وڊيو ۾ مٽڪا پيزا ٺاهڻ جي ترڪيب به ٻڌئي ٿو، مٽڪا پيزا ايتري آسان آهي جو ان کي گهر ۾ به ٺاهي سگهجي ٿو، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد صارفين پاران دلچسپ تبصرا شروع ٿي ويا آهن ڪجهه صارفين ان کي کائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي ته ڪجهه صارفين ان ۾ پيزا ڊو استعمال نه ٿيڻ تي اعتراض واريا آهن، ڪجهه صارفين فوڊ بلاگر جي وڏي تعريف پڻ ڪئي آهي.