مٽياري ۾ محرم جي جلوسن جي نگراني لاءِ فوج ۽ رينجرس کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو!!

0
279
اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي

مٽياري: محرم الحرام دوران، حالتن کي نظر ۾ رکندي، فوج، رينجرس کي به ماتمي جلوسن، مجلسن ۽ قافلن جي نگراني لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ضلعي ۾ 8 ماتمي جلوس ۽ مجلسون انتهائي حساس قرار، 23 کي حساس قرار ڏنو ويو. 182 جلسن، جلوسن، قافلن ،مجلسن ۽ امام بارگاهن ۽ پڙن کي نارمل قرار ڄاڻايو ويو، 7,8 محرم الحرام تي ڀٽ شاهه ۽ 9 محرم ڏهين جي رات مٽياري ۾ باهه تي ماتم برپا ڪيو ويندو. ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگھيو جو چوڻ آهي ته ضلعي ۾ ڀٽ شاهه، هالا، نيوسعيدآباد ۽ مٽياري ۾ 14 هنڌن تي ڪلوز سرڪٽ ڪئميرائون لڳايون وينديون.