مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي جي مين چوڪ تي بروهي برادري جي عورتن حاجاڻي ڪلثوم ۽ ٻين عورتن هٿن ۾ پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته مٺياڻي پوليس وڏا اٽالا ساڻ ڪري اسان جي ٽن نوجوانن عابد بروهي، خادم بروهي ۽ ساجد بروهي کي سخت تشدد ڪري گرفتار ڪري کڻي وئي آهي. هنن پوليس جي اهڙي عمل خلاف سخت احتجاج ڪندي ايس پي نوشهروفيروز، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته نوٽيس وٺي گرفتار ٿيل اسان جي نوجوانن کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي ايس ايچ او مٺياڻي سان رابطو ڪيو ويو جنهن ٻڌايو ته ٻه مهينا اڳ مٺياڻي شهر مان منور علي پنهور جي 80 لک واري لڳل ڌاڙي دوران چوڪيدار جي چوري ٿي ويل موبائيل فون ٽريس ڪري بروهين وٽان هٿ ڪئي آهي وڌيڪ جاچ جاري آهي پر گرفتاري نه ڪئي آهي جاچ مڪمل ڪرڻ بعد ئي گرفتاريون ڪيون وينديون، اصل ڏوهاري کي پڪڙڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون.