ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ طلاق لاءِ دعويٰ داخل ڪندڙ عورت جي گهر تي مبينا هلان ڪري کيس اغوا جي ڪوشش ڪئي وئي، پوليس پاران ڪارروائي نه ڪرڻ خلاف عورت پاران 4 ٻارن سميت احتجاج ڪيو ويو. ٽنڊي آدم جي ريلوي مسجد واري علائقي واسڻ عورت مسمات طاهرا احتجاج ڪندي دانهيو ته طلاق لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ بعد مڙس ساٿين سان گڏجي مائٽاڻي گهر تي هلان ڪيو. مڙس حاجن راهو پنهنجن 4 نامعلوم ساٿين سان گڏجي گهر تي هلان ڪري مون کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي مارڪٽ ڪئي. رڙين تي پاڙيوارن جي پهچڻ تي جوابدار ڀرار ٿي ويا. هن ٻڌايو ته سٽي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آھي. هن ٻڌايوته 8 سال اڳ حاجن راهو سان شادي ٿي مڙس تشدد ڪندو هو ۽ خرچ به نه ڏيندو هو، نشي جو عادي آھي. مون طلاق لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي آھي جنهن تان مونکي مارڻ چاهي ٿو تحفظ ڏنو وڃي.