مٺياڻي (ن پ ا)  مٺياڻي ۽ ڀرپاسي مليريا وبائي صورت اختيار ڪري وئي ٺٽ ڳوراهو جي مشوري محلا جي معصوم نينگري پرهه مليريا وگهي فوت  ٿي وئي. مٺياڻي ۽ ڀرپاسي ۾ معصوم ٻارڙا، مرد توڙي عورتون مليريا ۾ وٺجي ويا، سرڪاري اسپتال مان مليريا جون دوائون اڻلڀ ٿي ويون، نينگري جي والد پنھل مشوري ٻڌايو ته گذريل ڏينهن نينگري کي تيز بخار ٿيو ته اسان مٺياڻي جي سرڪاري اسپتال کڻائي وياسين جتي ڊاڪٽرن علاج ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. اسان نينگري جو پرائيويٽ اسپتال مان علاج ڪرايوسين پر معصوم نينگري بچي نه سگهي. ٻئي پاسي هتان جي سڄاڻ ڌرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مٺياڻي اسپتال ۾ مليريا جي دوائن جي فراهمي يقيني بڻائي متاثر علائقن ۾ ڪيمپون قائم ڪري معصوم ٻارڙن جون حياتيون بچايون وڃن ۽ علائقن ۾ مڇرمار اسپري پڻ ڪرايو وڃي.