ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ سڪندر آباد ڪالوني ۾ گئس جو چوري ڪنيڪشن ھڻڻ تان جھيڙو ٿي پيو، جهيڙي ۾ ڏنڊا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 4 ڄڻا ثناءُالله ڪولاچي، عطا محمد، خان محمد پٺاڻ ۽ نور محمد پٺاڻ زخمي ٿي پيا. زخمين کي تعلقي اسپتال ميھڙ پھچايو ويو جڏهن ته ميهڙ ٿاڻي تي هڪ ڌر پٺاڻن جي نورمحمد پٺاڻ جي فرياد تي مير ڪمانگر، ثناالله ڪولاچي، عطالله، ديدار، طارق،ع اقب سميت 11جوابدارن تي هٿيار کڻي حملو ڪري درمحمد ۽ خان محمد کي زخمي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. عطاالله ڪولاچي ۽ مير ڪمانگر احتجاج ڪندي دانھيو ته اسين پنھنجي ڪالوني ۾ گڏجي ٻئي گھر ڪيتري ئي وقت کان گئس ڪنيڪشن لڳرايو ھو. خان محمد پٺاڻ اسان جي گئس ڪنيڪشن مان چوري ڪنيڪشن ھڻي گئس ٻاري رھيو ھو. روڪڻ تان حملو ڪري ڏنو، شفاف نموني جاچ ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ام رباب چانڊيو جي چاچي پرويز چانڊيو ٻڌايو ته ڪولاچي ۽ ڪمانگرن اسان جي گارڊن مٿان بنا سبب حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ اسان جو هڪ گارڊ زخمي ٿيو آهي ايف آء آر زخمي پٺاڻن ڪٽرائي آهي. اسان تي الزام غلط آهن.