ٽنڊو محمد خان (رپورٽر ) بلڙي شاھ ڪريم جي ڳوٺ خداڏنو شاھ ۾ پراڻي دشمني واري تڪرار تان نوجوان اسلم شاھ کي هٿياربندن سخت مارڪٽ ڪري شديد زخمي ڪري ڇڏيو ، زخمي کي ٽنڊو محمد خان جي سرڪاري اسپتال آندو ويو ، واقعي بابت بلڙي شاھ ڪريم ٿاڻي تي اين سي رپورٽ داخل ڪري پوليس زخمي کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏنو آهي ، زخمي اسلم شاھ صحافين کي ٻڌايو ته آئون پنهنجي مٽن مائٽن تي قل پڙهڻ لاءِ قبرستان وڃي رهيو هئس ته مون تي هٿياربندن قاتلاڻو حملو ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو آهي ، ڳوٺ جي بااثر ماڻهن جي چرچ تي مون کي زخمي ڪيو ويو آهي ، اسان جي پراڻي دشمني هلندڙ آهي . فوري طور حملي آورن کي گرفتار ڪيو وڃي.