ميھڙ(ن پ ا) ميهڙ ميونسپل ڪاميٽي جي  ملازمن جو رهيل پگهارون جاري نه ڪرڻ ۽ انڪريمينٽ طور وڌايل پگهارون نه ملڻ خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ميونسپل آفيس اڳيان احتجاج ڪيو ويو. ملازمن فياض جانوري، لياقت چانڊيو، عمران تنيو، طفيل چنو، عتيق ڏيرو نظير جانوري ۽ ٻين نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ ننڍن ملازمن جون پگھارون بلا وجه جي ڪٽيون وڃن ٿيون ۽ رٽائر ملازمن جون رھيل پگھارون ۽ پينشن به نه ٿي ڏني وڃي ھنن چيو ته انڪريمينٽ ذريعي وڌيل پگهارون اڃان تائين ملازمن کي ناهن ملي سگهيون ھنن چيو ته شھر جي صفائي به اسان ڪيون ۽ ڊيوٽي به سختي سان اسان کان وٺيون وڃن ٿيون پر وائيٽ ڪالرن جون پگهارون انهن کي ٽائيم تي ملن ٿيون پر ڏوھ صرف اسان ڪيو آهي ھنن چيو ته جيستائين اسان جا جائز مطالبه منظور نه ڪيا ويندا احتجاجي تحريڪ جاري رھندي.