ميهڙ: جمالي ۽ کوسا ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل، 2 ڀائٽيا زخمي

0
48

ميهڙ (رپورٽ: عبدالرحمان قمبراڻي) ميهڙ ويجهو جمالي ۽ کوسا ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، سندس 2 ڀائٽيا سخت زخمي ٿي پيا

حاجن شاهه قبرستان وٽ ٻيٽو روڊ تي حاضري تي ايندڙن مٿان تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ راحب جمالي  مارجي ويو، سندس ڀائٽيا آدم ۽ يعقوب سخت زخمي ٿي پيا، واقعي بعد زخمي هڪ ڪلاڪ  تائين روڊ تي تي تڙپندا رهيا

واقعي واري هنڌ وڏي انگ ۾ ماڻهو پهچي ويا، مقتول جو لاش ۽ زخمي ميهڙ اسپتال منتقل ڪيا ويا

مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته محمد نواز کوسو سميت6 جوابدارن حملو ڪيو، ظلم ڪيو ويو آهي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي

ڳوٺ ڇن ڀنڀور واري علائقي گھر پنھنجا ۾ کوسا ۽ جمالي ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار هلندڙ  آهي،

5سال اڳ ٻارن جي ڳالهه ۽ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي دوران مير حسن کوسو مارجي ويو هو

علائقي واسين موجب مير حسن کوسو جي قتل بعد هڪ ڌر نصيرآباد لڏي وئي هئي