اليڪشن ڪميشن طرفان سينيٽ جي ٺهراءَ جي روشني ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ کان انڪار

0
89

اليڪشن ڪميشن طرفان سينيٽ جي ٺهراءَ جي روشني ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ کان انڪار، 8 فيبروري تي چونڊن جو شيڊول ملتوي ڪرڻ بابت سينيٽ جي منظور ڪيل ٺهراءَ تي سينيٽ سيڪريٽريٽ کي خط موڪلي ڇڏيو

 خط ۾ چيو ويو آهي ته ٺهراءَ جو جائزو ورتو ويو، اليڪشن ڪميشن صدر مملڪت جي مشاورت سان 8 فيبروري تي پولنگ جي تاريخ جو اعلان ڪيو

خط ۾ چيو ويو ته هن وقت عام چونڊون ملتوي  نه ٿيون ڪري سگهجن، 5 جنوري تي سينيٽر دلاور خان سڀ کان پهرين عام چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ سينيٽ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو هو، جنهن کي ايوان اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو

 ان ٺهراءَ  جي منظوري وقت سينيٽ ۾ 14 سينيٽرز موجود هئا، اليڪشن جو شيڊول ملتوي ڪرائڻ لاءِ گذريل ڏينهن هڪ ٻيو ٺهراءُ جمع ڪرايو ويو، جيڪو فاٽا سان تعلق  رکندڙ آزاد سينيٽر هلال  الرحمان جمع ڪرايو هو