ميھڙ/خيرپورناٿن شاهه (نمائندن وٽان) ميهڙ ۾ اغوا بعد بي دردري سان قتل ٿيل نوجوان ساحل گهانگهرو جو قتل ڪيس سندس والد اظهر علي گهانگرو جي فرياد تي 2 جوابدارن شيراز  ابڙو ۽ رشيد ڏهر خلاف داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قتل ڪيس جي چارج ميهڙ جي ايس ايچ او اي سيڪشن زاھد کوسو کان وٺي جوهي جي ايس ايچ او انسپيڪٽر نورمصطفيٰ پٺاڻ حوالي ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان انسپيڪٽر نور مصطفيٰ ٻڌايو ته ڪيس جي  گهڻ رخي جاچ ڪئي ويندي، هوڏانهن ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون مقتول نوجوان جي وارثن جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ايس ايس پي چيو ته ڪيس کي مان پاڻ ڏسي رهيو آهيان، واقعي جي هر طرف کان جاچ ڪئي ويندي، جوابدارن کي بخش نه ڪيو ويندو، هوڏانهن ذريعن موجب ته پوليس اوطاق مالڪ ۽ ميڊيڪل اسٽور مالڪ کان مبينا طور رشوت وٺي کين ڪارروائي کان آجو ڪري ڇڏيو آھي.هوڏانهن  افسوسناڪ واقعي بعد نوجوان جي امڙ بيحال بڻيل آھي، جڏهن ته  مقتول نوجوان جي ڀيڻ پڻ صدمي ۾ دماغي تڪليف وڌڻ سبب کيس اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو آھي،  مقتول نينگر جي گھر ۾ ڪھرام متل آھي، ان حوالي سان  نينگر جي چاچي اطھر گانگھرو ٻڌايو ته نوجوان جي قتل ۾ ملوث سهولتڪارن کي به قانوني گرفت ۾ آندو وڃي، مامري جي شفاف جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي طرف نوجوان جي قتل واقعي خلاف خيرپورناٿن شاهه، ميهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ سول سوسائٽي ۽ مختلف تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، مظاهرين مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوان جي قتل مامري جي شفاف جاچ ڪرائي جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي.