لاهور(شوبز نيوز) گلوڪارا ميشا شفيع پاڻکي شهيد بينظير جي هم شڪل چوڻ تي تنقيد جو شڪار بڻجي وئي. تفصيل موجب گلوڪارا ميشا شفيع پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شهيد بي بي بينظير ڀٽو جي شادي جي تصوير شيئر ڪئي جنهن جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته منهنجي شڪل شهيد راڻي بينظيرڀٽو سان ملندڙ آهي. ميشا شفيع جي ان ڪيپشن تي  مداحن پاران سخت تنقيد  ڪئي پئي وڃي.