ميشا شفيع خلاف فوجداري ڪارروائي روڪڻ جو حڪم

0
304
ميشا شفيع خلاف

سپريم ڪورٽ پيڪا آرڊيننس جي سيڪشن 20 خلاف درخواست تي ميشا شفيع خلاف فوجداري ڪارروائي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

سپريم ڪورٽ گلوڪارا ميشا شفيع جي اپيل ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي اٽارني جنرل ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

عدالت ميشا شفيع جي درخواست تي اسٽي آرڊر جاري ڪندي گلوڪارا خلاف فوجداري ڪارروائي روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي

عدالت حڪم ڏنو آهي ته عزت کي ڇيهو رسائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي تائين ميشا شفيع خلاف فوجداري ڪارروائي روڪي وڃي