فريادي مري ويو، جوابدار اپاهج ٿي ويو، پر 46 سالن ۾ ڪيس جو فيصلو نه آيو!

0
422
فريادي مري ويو، جوابدار

فيض گنج: سنڌ ۾ هزارين اهڙا ڪيس آهن، جن جا فريادي ته مري ويا پر سندن پٽ ۽ پوٽا پيشيون ڀوڳي رهيا آهن، اهڙو ئي ڪيس سکر جي هڪ عدالت ۾ لڳل آهي، جتي فريادي فوت ٿي ويو، ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد شخص به اپاهج ٿي ويو پر فيصلو اڃا تائين نه اچي سگهيو آهي

سکر جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ زمين بابت ڪيس هلندڙ آهي، جنهن کي لڳ ڀڳ 46 سال گذري ويا آهن، پر عدالت سڳوري فيصلو نه ڪري سگهي آهي

ڳوٺ رضا آباد واسي 85 ورهين جي رستم راڄپر ۽ ٻين خلاف 14 ايڪڙ زمين جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو

ڪيس ۾ جوابدار طور نامزد ٿيل پيرسن جي وارثن ٻڌايو ته ڪيس جو فريادي محمد بخش گهمرو ۽ نامزد ٻيا جوابدار فوت ٿي چڪا آهن، پيرسن رستم راڄپر فالج سبب ڳالهائڻ، گهمڻ ۽ ڦرڻ کان لاچار آهي