ميرپور ٻرڙو ڀرسان ڪارنهن تڪرار جو جرڳو، 7 لک ڏنڊ

0
235
ميرپور ٻرڙو ڀرسان ڪارنهن

ميرپورٻرڙو(ن پ ا) ميرپور ٻرڙو ڀرسان ڳوٺ محبوب علي چنو ۾ چنا برادري ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جو جرڳي جو انڪشاف ٿي آهي، جنهن ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ڌر مٿان مجموعي طور 7 لک رپيا ڏنڊ مقرر  ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته  سردار غازي چنو جي بنگلي تي سردار احمد علي خان چنو جي سرپئنچي ۾ چنا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ ڪارنهن تڪرار جو جرڳو ڪيو ويو.

جرڳي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ آيل ڌر نثار چنو مٿان 7 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، پنجاھ هزار رپيا موقعي تي ۽  باقي رقم ٽن قستن ۾ ڳاڙهي ڌر صابُل چنو کي ادا ڪندي، جرڳي بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون.

ٻئي پاسي پوليس روايتي طور جرڳي کان بي خبري ڄاڻائيندي چيو ته جرڳو ڪٿي ۽ ڪيئن ٿيو،  پاڻ کي جرڳي بابت ڪا به خبر ناهي.