ميرپورٻرڙو (ن پ ا) ميرپور ٻرڙو ۾ ماتمي جلوس برآمد مين چوڪ تي غازي عباس جو علم نصب ڪيو ويو پوليس اختيارن پاران شهر مڪمل طور بند ڪرائي ڇڏيو. عزادارن جو زنجيرن سان ماتم. ميرپورٻرڙو ۽ ڀرپاسي ۾ اٺين محرم الحرام جي ڏهاڙي تي غازي عباس علمدار جو علم نصب ڪرڻ جي حوالي سان ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو، سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا، شهر ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا، بند ماتمي جلوس ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن جي چيڪنگ ڪئي پئي وئي. مختلف امام بارگاهن تان ماتمي جلوس برآمد، سيد نظير علي شاهه جي پڙ تي پهتا جتان سوين عزادارن گڏ ٿي غازي عباس جو علم پاڪ نصب ڪرڻ جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس ڪڍيو جيڪو مختلف روٽن کان ٿيندو ميرپور ٻرڙو جي مين گيٽ تي پهتو جتي علم پاڪ نصب ڪيو ويو ۽ عزادارن زنجيرن جو ماتم پڻ ڪيو ۽ آخر ۾ دعاءِ خير گهري وئي. ماتمي جلوس بر آمد ٿيڻ دوران پوليس اختيارين پاران امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ ميرپورٻرڙو شهر مڪمل طور تي بند ڪرايو ويو شهر ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪيا ويا.