خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور ۾ 8 محرم الحرام تي حضرت غازي عباس علمدار جي زريع مبارڪ جو ماتم، عزادارن پاران زنجيرن جو ماتم ڪري حضرت غازي عباس علمدار کي ڀيٽا پيش ڪئي. جلوسن جي حفاظت لاءِ پوليس ۽ رينجرز مقرر، داخلي ۽ خارجي رستا سيل ڪيا ويا. خبر موجب خيرپور ۾ 8 محرم الحرام حضرت غازي عباس علمدار جي زريع مبارڪ جو تاريخي ماتمي جلوس مرڪزي امام بارگاهه انجمن حيدري کان برآمد ٿيو. مرڪزي جلوس کان اڳ مجلس عزا منعقد ڪئي وئي جنهن کي علامه شبيهه رضا الحسيني خطاب ڪيو. بعد م ناليواري نوحاخوان سيد عابد حسين شاهه نقوي وڇوڙي جو نوحو چئي ماتمي جلوس کي منزل ڏانهن روانو ڪيو. تاريخي ۽ قديمي ماتمي جلوس ۾ لاهور، اسلام آباد، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، روهڙي، ملتان کان علاوه آمريڪا، ڪئناڊا، آسٽريليا ۽ دبئيءَ کان آيل عزادارن پڻ شرڪت ڪئي. زريع مبارڪ وارو جلوس ڇٽي چوڪ تي پهتو ته امام بارگاهه فيض حسيني، امام بارگاهه قصر حسيني، امام بارگاهه قصر پنجتني سميت 300 کان وڌيڪ ماتمي پڙ مرڪزي جلوس ۾ شامل ٿي ويا، جتي سيد باقر حسين زيدي ۽ مولانا سيد شبيهه رضا الحسيني شهادت حضرت غازي عباس علمدار ۽ سندس بهادري، وفاداري ۽ جنگي جوهرن بابت تفصيل بيان ڪيو، جنهن بعد هزارين عزادارن غازي عباس کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ زنجيرن جو ماتم ڪيو. ان دوران سوين عزادار زخمي ٿي پيا، جن کي اسڪائوٽس ۽ صحت کاتي پاران لڳايل ڪيمپن ۾ فرسٽ ايڊ ڏني وئي، جڏهن ته وڌيڪ زخمي عزادارن کي سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ پهچايو ويو. بعد ۾ پنجگلا چوڪ کان ٿيندو ماتمي جلوس پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿي ويو. جلوسن جي حفاظت لاءِ سيڪيورٽيءَ جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا. چار هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن ۽ رينجرز جي جوانن کي جلوسن جي گذرگاهن تي مقرر ڪيو ويو هو. جڏهن ته داخلي ۽ خارجي رستن کي سيل ڪري تلاشيءَ بعد عزادارن کي جلوسن ۾ شامل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي. جلوسن جي گذرگاهن تي سي سي ٽي وي ڪيمرائون پڻ نصب ڪيون ويون هو.