لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان جي خوبصورت اداڪارہ ميرا ڪپڙن ۽ لپ اسٽڪ جو برانڊ لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ميرا انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هوءَ جلد ئي پنهنجو ڪپڙن ۽ لپ اسٽڪ برانڊ ”ميرا جي“ لانچ ڪندي. ميرا پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ چيو ته هوءَ هن وقت هيوسٽن ۾ آهي ۽ پاڪستان قونصليٽ ۽ ريحان صديقي جي دعوت تي آمريڪا آئي آهي. ميرا انسٽاگرام پوسٽ ۾، ريحان صديقي ۽ سندس ٽيم جي ساراهه ڪندي چيو ته ريحان صديقي هڪ مثبت انسان آهي، جيڪو پاڪستان ۽ پاڪستاني ٽيلينٽ کي هٿي وٺرائي رهيو آهي ۽ عالمي سطح تي پاڪستاني جي هڪ مثبت تصوير پيش ڪري رهيو آهي