اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن مان فائدو وٺندڙ هر شخص اسان جَي خلاف بيٺو آهي، وڏا ڪارٽَل ويٺا آهن، جيڪي شيون مهانگيون ڪري پيسا ٺاهيندا آهن، سمورين مافياز خلاف جنگ کٽينداسين، هن وقت ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس آهي، اها اسان جي حڪومت جي وڏي معاشي ڪاميابي آهي، مون کي اڍائي سالن جي حڪومتي ڪارڪردگي تي فخر آهي. تحريڪ انصاف جي يوم تاسيس جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته چيو ته پهرين ۽ ٻي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ کي هڪ هڪ سيٽ ملي، ٻي اليڪشن وقت مون سان صرف چند ماڻهو گڏ رهجي ويا هئا پر مون گرائونڊ ۾ سکيو ته جيڪو آخري بال تائين هار ناهي مڃيندو، ان کي شڪست ڪڏهن هارائي نٿي سگهي، جدوجهد کان ڪڏهن گهٻرائڻ نه گهرجي، ملڪي معاشي صورتحال تي وزيراعظم چيو ته حڪومت سنڀالي ته معاشي حالتون ٺيڪ نه هيون، ڏيوالو ٿيڻ وارو هو، سعودي، يو اَي اِي ۽ چين مدد نه ڪن ها ته، ڏيوالو نڪري وڃي ها، هن وقت ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو سرپلس آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 7، 8 مهينن کان سرپلس ۾ وڃي رهيو آهي، اسٽاڪ مارڪيٽ به زبردست پرفارمنس ڏني، پاڪستان ۾ تعميراتي شعبو سڀ کان وڌيڪ ترقي ڪري رهيو آهي، ملڪ ۾ سيمينٽ جي پيداوار رڪارڊ تي آهي، هاڻي اسان جا ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، عوام کي معيشت تي اعتماد اچي رهيو آهي، مون کي اڍائي سالن جي حڪومتي ڪارڪردگي تي فخر آهي، عمران خان چيو ته قومون بمباري، جنگين، وسيلن جي کوٽ سان تباهه ناهن ٿينديون پر حڪمرانن جي ڪرپشن سبب تباهه ٿينديون آهن، حڪمران ڪرپشن ڪندا آهن ته قوم قرضي بڻجي ويندي آهي، ملڪي مستقبل لاءِ مافياز خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون مون کي يقين آهي ته مافياز خلاف جنگ ۾ فتح اسان جي ٿيندي، جڏهن معاشري ۾ انصاف ٿيندو تڏهن خوشحالي ايندي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن کي شفاف بڻائڻ لاءِ نئين ٽيڪنالاجي آڻي رهيا آهيون، جيڪا سڄي دنيا مان تصديق ٿيل آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سسٽم سان ڪير ڌانڌلي نٿو ڪري سگهي ۽ نه ڪنهن وٽ چونڊ نتيجا تسليم ڪرڻ کان انڪار جي گنجائش بچندي، هارائڻ وارو به پنهنجي شڪست تسليم ڪندو. وزيراعظم چيو ته پنجاب ۾ هلندڙ سال جَي آخر ۾ هر شهري وٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ هوندو، فلاحي رياست لاءِ اهو ڪم ڪري رهيا آهيون جيڪو ڪڏهن ناهي ٿيو، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ بلين ٽري سونامي منصوبو شروع ڪيو، اسان جي دور ۾ هارين کي سڀ کان وڌيڪ ادائگيون ٿيون آهن، ڪسان ڪارڊ شروع ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪوشش ڪريون پيا ته ٻاهرين ملڪ کان پئسا اچن جنهن لاءِ 2 نوان شهر تعمير ڪري رهيا آهيون، ڀنڊار ٻيٽ تي شهر اڏڻ لاءِ سنڌ سرڪار سان ڳالهائينداسين، سياحت سان اسان پنهنجا قرض ادا ڪري سگهون ٿا.