موسمياتي خطرا ۽ مها ٻوڏ جون هاڃيڪاريون !

0
116
موسمياتي-خطرا-۽-مها-ٻوڏ-جون-هاڃيڪاريون

 پاڪستان ۾ تباهي مچائيندڙ ٻوڏ سڄي دنيا لاءِ موسمياتي تبديلي ۽ موسمياتي خطرن وارا گهنڊ وڃائي ڇڏيا آهن، ثابت ٿي ويو ته، معمول کان وڌيڪ برساتون نه ڳو غريب ملڪن ۾ پر ڪنهن به ملڪ ۾ تباهي آڻي سگهن ٿيون. ماحولياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ موتمار ٻوڏ ۽ برساتن عالمي بي انصافي جي احساس کي وڌيڪ وڌائي ڇڏيو آهي.پاڪستان جهڙي ملڪ جو عالمي گرمي پد وڌائڻ وارن گدلي گئسن جي خارج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آهي پر موسمياتي تبديلي جي خطري کي منهن ڏيندڙ ملڪن ۾ پاڪستان سرفهرست آهي.ماهرن جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلي ۽ شديد چوماسي وچ ۾ سڌو سنئون ڳانڍاپو آهي، عالمي گرمي پد ۾ واڌ سان هوا ۽ پاڻي وڌيڪ گرم ٿيندا آهن.  ماهرن موجب پاڪستان دنيا جي اهڙي خطي ۾ آهي جتي ان کي  ٻن موسمياتي سسٽمز جا اثر برداشت ڪرڻا پوندا آهن، هڪ سسٽم سخت گرمي ۽ سوڪهڙو پيدا ڪندو آهي، جيئن هن سال مارچ ۾ آيل گرمي جي لهر دوران ڏٺو ويو  جڏهن ته ٻيو سسٽم وري  چوماسي جون  برساتون آڻيندو آهي.

                 سائنسدانن ايندڙ ورهين ۾ چوماسي جي برساتن ۾ وڌيڪ شدت جي اڳڪٿي ڪئي آهي، پاڪستان لاءِ اهو خاص طور تباهي مچائيندڙ ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ گليشيئر پاڪستان ۾ آهن، جيڪي گرمي وڌڻ جي صورت ۾ تيزي سان ڳري پاڻي جي وهڪرن ۽ سيلاب جي صورت اختيار ڪرڻ لڳندا آهن جيئن هن سال  نظر اچي رهيو آهي.يقينن موسميات جي عالمي ماهرن جي ڇنڊ ڇاڻ، تحقيق ۽ جاري ڪيل رپورٽن تي اعتبار ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو ۽ رستو به نظر نه ٿو اچي، انهي جي معنيٰ اها ٿي ته اسان جي سموري ملڪ ۾ هرسال وڏي تعداد ۾ موسمياتي برساتن جو وسڻ ۽ ٻوڏون اچڻ معمول بنجي ويندو. ڳڻتي واري ڳالهھ اهاآهي ته انهي سموري صورتحال ۽ حالتن جو هيٺاهين واري صوبي سنڌ لاءِ سڀ کان وڌيڪ ٻوڏن ۽ برساتن جي تباهه ڪارين جو شڪار ٿيڻ معمول بنجي ويندو، جنهن جي معنيٰ اها پڻ ٿي ته قوم کي هاڻي هرسال قدرت جي رحم ڪرم تي رهڻ ۽ قدرتي هاڃيڪارين جو شڪار ٿيڻ لاءِ تيار ، هوشيار ۽ خبردار رهڻو پوندو !.

پارليمان جي مٿاهين ايوان سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين سينيٽر رضا رباني دنيا ۾ موسمياتي تبديلين جو ذميوار، اُسريل ملڪن کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي . سندس چوڻ موجب، اسريل ملڪ ماحوليات ۾79 سيڪڙو ڪاربن خارچ جا ذميوار آهن، آمريڪا 1850ع کان هن هينئر تائين 509 جي ٽي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪئي.هن جو چوڻ هو ته، آمريڪا ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جي سڀ کان وڌيڪ خارج جو ذميوار آهي، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته، آمريڪا جون ڪمپنيون وڻن جي وڌيڪ واڍي جون ذميوار آهن جيڪو گلوبل وارمنگ جو ڪارڻ آهي.رضا رباني جو چوڻ هو ته، موسمياتي تبديليون ۽ گلوبل وارمنگ سان پٺتي پيل ملڪ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن، پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي سبب ٻوڏ اچي رهي آهي. سينيٽر رضا رباني جو چوڻ آهي سامراجي ملڪ پنهنجي ذميواري تسليم ڪن، پاڪستان سميت پٺتي پيل ملڪن جي بحالي ۾ ڪردار ادا ڪن، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اهي ملڪ  اهي رقمون واپس ڪن جن دنيا جا وسيلا چورايا آهن. سينيٽر ميان رضا رباني طرفان گهر ڪئي وئي آهي ته، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل آڏو پاڪستان سميت پٺتي پيل ملڪن جي قرضن جي معافي جي ڳالهه رکي وڃي.ملڪ ۾ برساتن ۽ ٻوڏن جي تباهه ڪارين تي يقينن دنيا حيران ۽ پريشان آهي جنهن ڪري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت مختلف ملڪن جا سفير ۽ خاص عيوضي پڻ پاڪستان جي صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهن ۽ ڳڻتي جوڳي صورتحال ۾سهڪار ڪرڻ جي معاملن تي ڳالهيون ڪري رهيا آهن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس طرفان چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت درپيش آهي، ان صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ وڏي امداد جي ضرورت آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي صورتحال بابت گذريل ڏينهن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري طرفان حالتن بابت ڀرپور نموني بريفنگ ڏني وئي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف طرفان پڻ نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر جي دوري جي موقعي تي مهمان کي سموري صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو. سان گڏيل پريس ٽاڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل وڌيڪ چيو ته عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ پاڪستان سان ڀرپور سهڪار ڪرڻ گهرجي، اڄ هي صورتحال پاڪستان لاءِ آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿي سگهي ٿو.

هن جو چوڻ هو ته، هن  ايتري وڏي قدرتي آفت هن کان اڳ ناهي ڏٺي، موسمياتي تبديلين جي اثرن سان لکين پاڪستاني متاثر ٿيا آهن، ماڻهن جا گهر، روزگار، فصل تباهه ٿي ويا آهن، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان  30 ارب ڊالر ماليت جو نقصان ٿيو آهي، سندس چوڻ هو ته موسمياتي تبديلين سان جيتري قدر پاڪستان متاثر ٿيو آهي، دنيا ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، پاڪستان پاران موسمياتي تبديلين کان بچاءُ جي لاءِ جيڪي قدم کنيا ويا آهن، عالمي برادري ان جي ساراهه ڪري ٿي، هي ايڪي جي اظهار جو معاملو نه آهي پر انصاف جو معاملو آهي..هن چيو ته هن مشڪل صورتحال مان نڪرڻ جي لاءِ وڏن وسيلن جي ضرورت آهي، متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي مرحلي کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ عالمي برادري ڀرپور سهڪار ڪري.هوڏانهن،  وفاقي ناڻي واري وزارت ٻوڏ سان معيشت کي پهتل نقصانن جي رپورٽ وزيراعظم آفيس کي موڪلي آهي جنهن جي بابت اطلاع آهن ته، ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن سبب شروعاتي ڪاٿي تي ٻڌل رپورٽ تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻوڏ جي نتيجي ۾ زراعت ۽ انفرا اسٽرڪچر سميت ٻيا نقصان ٿيا آهن. ٻوڏ سان ڪمزور ملڪي معيشت کي 12 ارب ڊالرن جو وڏو نقصان ٿيو، جنهن کي ڏسندي معاشي اوسر جي شرح 5 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 3.3 سيڪڙو رهڻ  ۽ وڏي تعداد ۾ روزگار گهٽجڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻوڏ سبب تقريبن 180 ارب رپين جا ترقياتي منصوبا مڪمل نه ٿي سگهندا ۽ منصوبا متاثر ٿيڻ سان 6 لک ماڻهن کي روزگار فراهم نه ڪري سگهبو. يقينن ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جي تيار ڪيل رپورٽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻين مالياتي ادارن کي به موڪلي ويندي۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي بئنڪ ۽ ٻين مالياتي ادارن کان مالياتي امداد جي اپيل ڪئي ويندي. هڪ پاسي، ملڪ جا حڪمران ۽ ساڃاهه وند پنهنجي ملڪ جي  هيڏي وڏي 22ڪروڙ ماڻهن تي مشتمل آبادي جي جياپي، گذران ۽ بحالي لاءِ دنيا جي ملڪن ڏانهن واجهائي رهيا آهن ته، ٻئي پاسي قدرت جون ڪارروايون پڻ بنا ڪنهن روڪ رڪاوٽ جي جاري آهن. موسميات کاتي سنڌ ۾ وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي طرفان سنڌ ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ هڪ ڀيرو وري برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.موسميات کاتي موجب سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقا هڪ ڀيرو وري برسات جي لپيٽ ۾ هوندا، 10 کان 14 سٽپمبر تائين ٿرپارڪر، بدين، عمر ڪوٽ، سانگهڙ ۽ ميرپور خاص ۾ ڪڪر وسندا. موسميات کاتي موجب گجگور ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري رهندو. خدا خير ڪري !