موري ۾ زال کي قتل ڪندڙ مڙس کي عمر قيد جي سزا

0
470

مورو (ن پ ا) مورو شھر جي لطيف ڪالوني ۾ پنج مھينا اڳ گھر اندر ڇرين جا وار ڪري زال کي قتل ڪندڙ مڙس وقاص قيوم آرائين کي ايڊيشنل سيشن جج مورو جي عدالت عمر قيد ء ھڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدار عدالت ۾ جج اڳيان پنھنجي گھر واري کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ته مان گھر واري کي قتل ڪيو آھي، جنھن تي کيس سزا ٻڌائي وئي، وقاص قيوم آرائين مٿان مقتولا ڪرن آرائين جي والد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو ھو ءٌ ھڪ ھفتي بعد قتل جي ڪيس ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو ھو.