اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) وزيراعظم عمران خان سان جهانگير ترين جي حامي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن جي ملاقات، ترين خلاف انتقامي ڪاررواين بابت جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ ۽ شهزاد اڪبر کي هٽائڻ جو مطالبو، وزيراعظم جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو مطالبي کي رد ڪندي جاچ لاءِ پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر کي ذميواري ڏئي ڇڏي جنهن تي راجا رياض اعتراض ڪيو، وزيراعظم چيو ته شهزاد اڪبر کي ڪنهن سان دشمني ناهي، کنڊ اسڪينڊل ۾ دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو، ڪنهن سان نا انصافي نه ٿيندي. تفصيل موجب ڪالهه جهانگير ترين جي حامي قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي جي ميمبرن جي وفد پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر راجا رياض جي اڳواڻي ۾ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي، ملاقات ڪندڙ وفد ۾ نعمان لنگڙيال، عبدالحئي دستي، نذير چوهان، طاهر رنڌاوا ۽ ٻيا موجود هئا، ذريعن مطابق جهانگير ترين جي حامين وزيراعظم عمران خان کي درخواست ڪئي ته جهانگير ترين خلاف ٿيندڙ انتقامي ڪاررواين جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪئي وڃي، جنهن جي سربراهي جسٽس ساحر علي، تصدق جيلاني يا ناصر الملڪ کي ڏني وڃي، انهن جو چوڻ هو ته اميد آهي ته اسان جو ڪپتان اسان جي شڪايتن کي ٻڌندو ۽ ڪپتان اسان کي انصاف ڏيندو، جهانگير ترين کي ڪا فيور نه گهرجي، اهو انصاف چاهي ٿو، شفاف ٽرائل تي به ڪو اعتراض ناهي، ذريعن مطابق راجا رياض وزيراعظم اڳيان جهانگير ترين جو ڪيس رکندي چيو ته وزيراعظم صاحب جهانگير ترين جون پارٽي لاءِ خدمتون توهان کان لڪيل ناهن، اسان صرف انصاف جون گهرجون پوريون ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته نذير چوهان موقف اختيار ڪيو ته ائين لڳي ٿو ته احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر جو ٽارگيٽ رڳو جهانگير ترين آهي، نعمان لنگڙيال چيو ته کنڊ جي مامري مان ڪجهه نه نڪتو ته ٻيا ڪيس کوليا ويا، شهزاد اڪبر ۽ ان جي ٽيم کي ان مامري مان الڳ ڪري ڪميشن ذريعي جاچ ڪرائي وڃي، ذريعن مطابق ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته مون کي سٺو لڳو ته توهان پنهنجا اعتراض مون سامهون رکيا، ڇا توهان سڀني کي مون مٿان اعتماد آهي؟ منهنجي واضح پاليسي آهي ته احتساب دوران مخالفن سان به زيادتي نه ٿيڻ گهرجي، جهانگير ترين منهنجو ذاتي دوست ۽ پارٽي جو اهم اڳواڻ آهي پر انصاف جي گهرج آهي ته اسان سڀ قانون سامهون جوابده آهيون، اسان ميرٽ ۽ انصاف جي مقصد لاءِ اقتدار ۾ آيا آهيون، کنڊ جي قيمتن ۾ اوچتو اضافو ٿيو ته ڇا اسان اضافو ڪرڻ تي پڇون به نه، توهان يقين رکو ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي ، انصاف جي گهرج آهي ته سڀني کي صفائي جو پورو موقعو ملي، شهزاد اڪبر کي ڪنهن سان ذاتي دشمني ناهي، اهو ميرٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي، کنڊ اسڪينڊل ۾ دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو، ذريعن موجب جهانگير ترين جي ڪيس ۾ جاچ جي ذميواري علي ظفر کي ڏيڻ تي راجا رياض اعتراض واريو جنهن تي عمران خان چيو ته وزيراعظم پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر راجا رياض کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان مان ته گهڻا ماڻهو تحريڪ انصاف جو بعد ۾ حصو بڻيا، ڪنهن کي استعيفا ڏيڻي آهي ته ڏئي ڇڏي پر بليڪ ميل نه ٿيندس، ذهن ۾ رکو وزيراعظم رهڻ لاءِ حق جو ساٿ نه ڇڏيندس، کنڊ اسڪينڊل ۾ جهانگير ترين سميت ڪير به ذميوار نڪتو ته قانون کي منهن ڏيڻو پوندو، بنا فرق ڪارروائي ٿيندي، شگر ڪميشن جاچ تي ڪنهن قسم جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو، ڪير سمجهي ٿو ته دٻاءُ ۾ اچي جاچ روڪينداسين ته اها سندس غلطي هوندي، ذريعن مطابق وزيراعظم عمران خان جهانگير ترين جي حامين جي جهانگير ترين خلاف ٿيندڙ ڪاررواين جوڊيشل ڪميشن ذريعي جاچ ڪرائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير گروپ جي ميمبرن دعويٰ ڪئي ته وزيراعظم جهانگير ترين جي ڪيسن جي جاچ تان شهزاد اڪبر کي هٽائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، هاڻ هو پاڻ معاملي کي ڏسندو، راجا رياض چيو ته وزيراعظم سمورن مطالبن تي غور جي خاطري ڪرائي ۽ وقت گهريو آهي. هوڏانهن جهانگير ترين گروپ جي وزيراعظم سان ملاقات جي حوالي سان سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جن جهانگير ترين بابت پنهنجون گذارشون وزيراعظم سامهون رکيون، انهن تي تفصيلي غور ٿيو، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جهانگير ترين پي ٽي آءِ جو اهم اڳواڻ آهي، وزيراعظم وٽ ان لاءِ ذاتي احترام ضرور موجود آهي، پر جيڪا پارٽي احتساب جي نالي تي قائم ٿي اها پنهنجن ماڻهن لاءِ ۽ ٻين لاءِ انصاف جو ٻٽو معيار نٿي رکي سگهي، وزيراعظم واضح ڪيو ته ڪنهن به صورت ۾ کنڊ اسڪينڊل بابت ايف آءِ اي جي ٿيندڙ جاچ تي دٻاءُ نه رکيو ويندو ۽ نه ئي ڪنهن سان نرمي ڪرڻ لاءِ چيو ويندو، ايف آءِ اي جي جاچ تي اثر انداز ٿيڻ ناممڪن آهي، هن چيو ته چونڊيل ميمبرن جي اها شڪايت جهانگير ترين کي ڪو شخص ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي رهيو آهي ۽ ان خلاف ڪيس ٺاهيا پيا وڃن، ان مامري لاءِ وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر کي جاچ لاءِ نامزد ڪيو آهي، اهو ٻنهي ڌرين جي مامرن جو جائزو وٺندو ۽ وزيراعظم کي رپورٽ ڏيندو، اهي تفصيل ملاقات ڪندڙن کي به فراهم ڪيا ويندا، هن چيو ته انصاف جون گهرجون پوريون ٿينديون، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ملاقات ڪندڙ تمام چونڊيل ميمبر پارٽي جو حصو آهن، اختلاف رکڻ سان اهو نه ٿو چئي سگهجي ته پارٽي ۾ نه هوندا، جهانگير ترين واري مامري ۾ ڪي سياسي محرڪ شامل آهن ته ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، پر هر ڪنهن کي الزامن کي منهن ڏيڻو پوندو، هن تصديق ڪندي چيو ته وزيراعظم عمران خان جوڊيشل جاچ واري ڳالهه تسليم نه ڪئي، رڳو سياسي رخ تي جاچ لاءِ علي ظفر کي مقرر ڪيو آهي.