موري ڀرسان نوجوان جو گولي لڳل لاش هٿ

0
299

مورو (ن پ ا) مورو ڀرسان ڪورائي ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان ضمير پٽ عبدالرزاق لغاري جو گولي لڳل لاش هٿ آيو آهي، جنهن جي وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان خودڪشي ڪئي آهي، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منقل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي لاش ڀرسان پسٽل پڻ برآمد ٿيو آھي، جڏهن ته والد جو چوڻ آهي ته منھنجو پٽ رات پاڻي جي واري تي ويل ھو، صبح جو لاش ملڻ جي خبر ملي، اسان جي ڪنھن سان بہ ڪا دشمني ناھي، نہ ڪنھن مٿان شڪ آھي.