جاتي تعلقي جي 10 شاخن ۾ واري اڏامڻ لڳي، شهر ۾ به 2 هفتن کان پاڻي بحران برقرار

0
212

جاتي (رپورٽ: علي اڪبر ٿهيم) جاتي تعلقي توڙي ٽائون ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جي ٻن مهينن کان شديد کوٽ پيدا ٿي وئي، جاتي تعلقي جي مين پنڃاري، ٽنگو مائينر، جاتي مائينر، شيرخانه مائينر، گڏاپ مائينر، ماليا واهه، بيگنا مائينر سميت 10 کان وڌيڪ شاخن ۾ واري اڏامڻ لڳي. جاتيءَ جي ساحلي پٽيءَ جي چئن يونين ڪائونسلن ڪڙملڪ، ڪوٺي، گل محمد ٻارڻ، مگرڀين ۾ ٻن مهينن کان پاڻيءَ جي شديد اڻاٺ سبب رهواسي ڪيترائي ڪلوميٽر پنڌ ڪري ڏورانهن علائقن مان پاڻي ڀرڻ تي مجبور بڻيل آهن. جر جو پاڻي کارو ٿي وڃڻ سبب رهواسي دٻن، کڏن کامن ۽ سم نالن ۾ بيٺل گندو پاڻي واپرائڻ جي ڪري خطرناڪ ڊائريا ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ لڳا آهن. هوڏانهن جاتي ٽائون ۾ پبلڪ هيلٿ انتظاميا جي نااهلي سبب واٽر سپلاءِ جا تلاءُ نه ڀرجي سگهڻ سبب شهري ٻن هفتن کان پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ دربدر آهن. جاتيءَ جي شهرين ۽ ساحلي پٽي جي رهواسين سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته جاتي تعلقي جي شاخن ۾ پاڻي فراهمي يقيني بڻائي علائقي واسين جو بنيادي مسئلو حل ڪيو وڃي.